بيڪٽريائي جھنگلي اٺ
From Wikipedia, the free encyclopedia
بيڪٽريائي جھنگلي اٺ(انگريزي: wild Bactrian camel) , حياتياتي نالو ڪيميلس فروس(انگريزي: Camelus ferus) اتر چين ۽ ڏکڻ منگوليا جي ٻن ٿوھن واري اٺن جو ھڪ قسم آھي جيڪي سينٽرل ايشيائي بيڪٽريا واري علائقي جي اٺن مان آھن.[2] [3][4][5][6][7][8] ھي اٺ ٽيھن تائين ٽولن ۾ ھلندا آھن. عام طور تي انھن جا ٽولا 6 کان 20 تائين ھوندا آھن.ٽولي جي تعداد جو دارومدار ان علائقي جي اندر خوراڪ جي مقدار جي موجودگي تي آھي. اھي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ھجرت ڪندا آهن. انھن جي سراسري حياتي 40 سال آھي. سياري ۾ ٻچا ڏيندا آهن. مادي پنجن سالن جي عمر ۾ ٻچا ڏيڻ شروع ڪندي آهي. ھي اٺ جبلن۽ غير آباد ميدانن ۾ رھندا آھن جتي پاڻي تمام گھٽ ھوندو آھي ۽ ننڍا ٻوٽا ڦٽل ھوندا آھن جيڪي انھن جي خوراڪ آھن. اھي ڊگھ. فاصلن تائين ھلندا رھندا آھن ۽ چشمن مان پاڻي پيئندا آهن.
ترت ڄاڻ بيڪٽريائي جھنگلي اٺ, ماحولياتي تحفظ ۾ مقام ...
بيڪٽريائي جھنگلي اٺ | |
---|---|
بيڪٽريائي جھنگلي اٺ روڊ تي ايندي | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | ڪيميلس |
جنس: | Template:Taxonomy/ڪيميلس{. فيروس |
حياتياتي نالو | |
ڪيميلس فيروس پرزوالسڪي, 1878 | |
موجوده علائقو |
بند ڪريو