From Wikipedia, the free encyclopedia
بيونس آئرس (انگریزی: Buenos Aires)،[2] ارجنٽائن جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آهي. اهو ڏکڻ آمريڪا جي اتر اوڀر سامونڊي ڪناري تي، ريو دي لا پلاٽا (درياهه) جي اوڀر ۾ واقع آهي. بيونس آئرس "سٺو هوا" لاءِ اسپيني لفظ آهي. بينوس آئرس کي، گلوبلائيزيشن ۽ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ (GaWC) 2020 جي درجه بندي جي مطابق، الفا گلوبل سٽي طور درجه بندي ڪيو ويو آهي. [3]
بیونس آئرس Buenos Aires | |||||
---|---|---|---|---|---|
گاديء وارو ء خودمختيار شھر | |||||
بیونس آئرس جو خودمختيار شھر Ciudad Autónoma de Buenos Aires | |||||
| |||||
جاگرافي بيهڪ: 34°36′12″S 58°22′54″W | |||||
ملڪ | ارجنٽائن | ||||
قایم تیو | *فيبروري 2, 1536Pedro de Mendoza)
| (by ||||
حڪومت | |||||
• قسم | خودمختيار شھر | ||||
• مجلس | شھري قانون ساز ادارو | ||||
• مئیر | جورگی ماڪری | ||||
• National Deputies | 25 | ||||
• National Senators |
| ||||
پکيڙ | |||||
• گاديء وارو ء خودمختيار شھر | 203 ڪ.م2 (78 ميل2) | ||||
• زميني | 203 ڪ.م2 (78.5 ميل2) | ||||
• ميٽرو | 4,758 ڪ.م2 (1,837 ميل2) | ||||
بلندي | 25 ميل (82 ft) | ||||
آبادي (2022ع جی آدمشماري)[1] |
بيونس آئرس جو شهر نه ته بيونس آئرس صوبي جو حصو آهي ۽ نه ئي صوبي جي گاديءَ جو هنڌ آهي، بلڪه اهو هڪ خود مختيار ضلعو آهي. سال 1880ع ۾ ڏهاڪن جي سياسي ويڙهه کان پوءِ بيونس آئرس کي وفاق بڻايو ويو ۽ بيونس آئرس صوبي مان هٽايو ويو[4] ۽ بلگرانو ۽ فلورس جا شهر شامل ڪری، شهر جي حدن کي وڌايو ويو. ٻئي هاڻي شهر جا پاڙيسري آهن. سال 1994ع جي آئيني ترميم شهر کي خودمختياري ڏني، تنهنڪري ان جو رسمي نالو بيونس آئرس جو خودمختيار شهر آهي. ان جي شهرين پهريون ڀيرو سال 1996ع ۾ حڪومت جو چيف چونڊيو؛ اڳي ميئر سڌو سنئون ارجنٽائن جي صدر طرفان مقرر ڪيو ويندو ھو.
گريٽر بيونس آئرس ميٽروپوليٽن، جنهن ۾ پڻ بيونس آئرس صوبي جا ڪيترائي ضلعا شامل آهن، آمريڪا ۾ پنجين نمبر تي آبادي وارو ميٽروپوليٽن علائقو آهي، جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ 38 لک (13.8 ملين) آهي. [5] اهو پڻ ٽروپڪ آف ڪيپريڪورن جی ڏکڻ ۾ ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. بيونس آئرس ۾ زندگي جو معيار سال 2018ع ۾ دنيا ۾ 91 هين نمبر تي هو، جیکو لاطيني آمريڪا ۾ بهترين مان هڪ آهي.[6][7]
يورپي ثقافت جي امير اثر جي ڪري اهو "ڏکڻ جو پيرس" يا "ڏکڻ آمريڪا جو پيرس" پڻ سڏيو ويندو آهي. شهر پنهنجي شاندار فن تعمير، نائٽ لائف ۽ ثقافتي سرگرمين جي ڪري مشهور آهي.[8] [9] اهو لاطيني آمريڪا جي امير ترين شهرن مان هڪ آهي، وڏي تعداد ۾ وچولي طبقي ۽ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جو گهر آهي. اهو هڪ گهڻ ثقافتي شهر آهي، جيڪو ڪيترن ئي نسلي ۽ مذهبي گروهن جو گهر آهي.
بيونس آئرس 1950 ۾ پهريون فيبا FIBA ورلڊ چيمپيئن شپ ۽ 1990 ۾ 11هين فيبا ورلڊ چيمپيئن شپ منعقد ڪئي، 1951 ۾ پهريون پين آمريڪن گيمز، 1978 فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ٻن هنڌن ۽ 1982 جي ايف آءِ وي بي FIVB مردن جي عالمي چيمپيئن ۾ هڪ هنڌ جي ماڳ هئي. تازو ئي، بيونس آئرس کي 2001 فيفا ورلڊ يوٿ چيمپيئن شپ ۽ 2002 جي ايف آءِ وي بي والي بال مردن جي عالمي چيمپئن شپ ۾ جڳهه ملي هئي، 2013 ۾ 125هين آئي او سي IOC سيشن، 2018 جي سمر يوٿ اولمپڪس[10] ۽ 2018 جي G-20 سمٽ جي ميزباني ڪئي.[11]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.