![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/fc/The_Madonna_in_Sorrow.jpg/640px-The_Madonna_in_Sorrow.jpg&w=640&q=50)
بيبي مريم
هڪ ڪُنواري ۽ اسلام ۾ عيسيٰ جي ماءُ / From Wikipedia, the free encyclopedia
بيبي مريم،اسلام ۾ مريم،انگريزي ٻولي: Mary in Islam يا (انگريزي: Maria ) جنھن کي سينٽ ميري بہ چوندا آهن موجوده اسرائيل جي علائقي گليلي جي شھر نزرٿ جي يھودي خاندان جي ھڪ عورت جو نالو جنهن کي بائيبل ۽ قرآن ۾ حضرت عيسي جي ماء ظاھر ڪيو ويو آهي[2]. قرآن، ميٿيو يا متي جي انجيل ۽ ليوڪ يا لوقا واري انجيل ۾ کيس ڪنواري (Virgin Mary) ظاھر ڪيو ويو آهي[3] ميٿيو ۽ ليوڪ واري انجيلن مطابق سندس مڱڻي سينٽ جوزف (يوسف) سان ٿي ھئي[4]. عيسائي دين مطابق کيس ڪنوارپ دوران پاڪ روح ذريعي پيٽ ٿيو ھو ۽ سينٽ جوزف سان گڏجي بيت الحم جتي ھن عيسي مسيح کي جنم ڏنو[5]. ڪيٿولڪ ۽ ايسٽرن چرچ جي دين مطابق دنيا ۾ سندس زندگي پوري ٿيڻ بعد کيس آسمان ڏي کنيو ويو ھو[6][7]. عيسائيت جي شروعات ۾ ئي کيس بزرگي وارو درجو (sainthood) ملي چڪو ھو[8][9].سندس انگريزي ۾ نالو ميري، يوناني ۾ ماريا ۽ اطالوي ٻولي ۾ ميڊونا آھي. عيسائي دين ۾ کيس ڪنواري ميري، خدا جي ماء، آسمان جي راڻي وغيره جا لقب مليل آهن.