![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ea/Spinoza.jpg/640px-Spinoza.jpg&w=640&q=50)
برووخ اسپنوزا
يورپي فلسفي / From Wikipedia, the free encyclopedia
برووخ اسپنوزا (انگريزي: Baruch Spinoza) [5] نومبر 24، 1632ع تي ايمسٽرڊيم جي علائقي جوڊنبورٽ ۾ پيدا ٿيو. هي پنهنجي دور جو هڪ وڏو فلسفي هو. ھن جو جنم نالو بينيڊٽو ڊي اسپنوزا ھيو. ھي ايمسٽرڊيم ۾ وڏو ٿيو، ۽ هن جي وفات 21 فيبروري 1677ع ۾ ٿي. ھن پنھنجي فلسفياڻي خيالن سان جاڳرتا جي لاءِ زمين ھموار ڪئي.[6]
برووخ اسپنوزا | |
---|---|
![]() | |
پيدائش | 24 نومبر 1632(1632-11-24) ايمسٽرڊيم, ڊچ ريپبلڪ |
وفات | 21 فيبروري 1677 (عمر 44 سال) ھيگ, ڊچ ريپبلڪ |
رھائش | نيدرلينڊز |
عهد | سترھين صدي جو فلسفو |
علائقو | مغربي فلسفو |
مڪتبه فڪر | عقليت پسندي(رئشنل ازم)
|
شعبه عمل |
اخلاقيات ،
علميات (ايپسٽيمولاجي) ,مابعدالطبعيات , عبراني گرامر |
اهم نظريا |
ھمہ اوست(پين ٿيئزم) , تقدير جو نظريو (ڊٽرمنيشن) , نيوٽرل وحدانيت، نفسي عضون جي متوازيت, سوچ وچار جي آزادي، مذھبي آزادي , مذھب جي رياست کان علحدگي ، موسیٰ جي عبراني ڪتابن تي تنقيد, اقتدار جا حڪومتي نمونا . |
متاثر شخصيتون
|
هن جي والد جو نالو ميگئيل اسپنوزا ۽ ماءُ جو نالو اينا ڊيبورا ھيو. جڏهن اسپنوزا اڃان ڇهن سالن جو هو ته سندس والده وفات ڪري وئي. هن جو تعلق سيفراڊي يھودي گھراڻي سان هو ۽ سندس مادري زبان پورچوگيزي ھئي پر ھي عبراني، ڊچ ۽ اسپيني پڻ ڳالھائيندو ھو. هن کي عبادت خاني اندر ۽ ان جي چوطرف وقت گذارڻ وڌيڪ پسند هو. پنهنجي قوم جي تواريخ ۽ مذهب کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اسپنوزا تيز فهم عالم هو ان لاءِ سندس قوم جا وڏا سمجھندا هئا، ته نيٺ هو پنهنجي مذهب ۽ قوم لاءِ هڪ اعليٰ نور ثابت ٿيندو. بائيبل کي پڙهڻ کان پوءِ، هو تلمود جون ڳوڙهن خيالن واريون تشريحون پڙهڻ لڳو.
سن 1656ع ۾ هو عبادت خاني جي بزرگن آڏو پيش ڪيو ويو ۽ هن تي ڪفر جو الزام مڙهيو ويو ۽ هن کي عبراني رسم ۽ رواج جي تڪليف واري رسم مطابق پنهنجي قبيلي مان خارج ڪيو ويو. ان واقعي مان هو ان نتيجي تي پهتو، ته دنيا اندر ڪي بلڪل ٿوريون جايون آهن، جتي هڪ فلسفي رڳو محفوظ رهي سگهي ٿو. ان کان پوءِ ائمسٽرڊم کان ٻاهر هڪ خاموش ڪمري ۾ رهڻ لڳو. هن پنهنجو نالو برووخ (Baruch) کان بدلائي بينيڊڪٽ (Benicidict) سڏايو.
اسپنوزا جوهر کي قدرت ۽ خدا سان هڪ ڪري ليکي ٿو. مدرسيت جي فلسفين وانگر هو قدرتن جي ٻن مختلف پهلوئن تي سوچ ويچار ڪري ٿو. اسپنوزا جي مطابق خدا جي مرضي ۽ قدرت جا قاعدا هڪ ئي حقيقت جا مختلف نالا آهن. تنهن ڪري سڀ واقعا اڻ تبديل ٿيندڙ قاعدن جو ميڪانيڪي عمل آهن ۽ نه هڪ غير ذميوار خودمختيار حاڪم تي جيڪو تارن ۾ ويٺو آهي. اسپنوزا جي خيال مطابق:ذهن مادي آهي ۽ نه وري مادو ذهن آهي. دماغي ڪارروائي نه خيال جو سبب آهي ۽ نه وري اهو نتيجو آهي. ٻئي ڪاروايون خودمختيار ۽ متوازن به ڪونه آهن. اهي ڪاروايون ٻه به ڪونه آهن، نه وري اهي ٻه مختلف هستيون آهن. فقط هڪ ئي ڪاروائي آهي، جنهن کي اندروني طور ڏسڻ سان خيال سڏجي ٿو ۽ ٻاهرين طور ڏسڻ سان حرڪت سڏجي ٿو.