بخارا خطي، ازبڪستان ۾ جڳھ From Wikipedia, the free encyclopedia
ھيءُ شهر هن وقت ازبڪستان ۾ شامل آهي، جيڪو آڳاٽي وقت ۾ عالم -اسلام- ۽ وچ -ايشيا- ۾، خصوصاً اسلامي -تهذيب- ۽ تمدن جو عظيم الشان مرڪز رهيو آهي[1]. هيءُ شهر زوافشان درياهه جي نشيبي وهڪري واري وڏي نخلستان ۾ آباد آهي. هيءُ علائقو ”ماوراءَالنهر“ جي جاگرافيائي اصطلاح سان به سڃاتو ويندو آهي[1]. ھن تاريخي شھر ۾ قديم آثارم وارا 140 ھنڌ آھن[2]. 2016 ۾ ھن شھر جي آبادي. 247644 ھئي[3].ھن شھر جي اڪثريتي ابادي جي مادري ٻولي تاجڪ آھي[4]. ھن شھر جا ڪيترائي مدرسا ۽ مسجدون يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل آهن[5].
بخارا Buxoro بوخارا ، بخورو | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
1.ڪوڪ گنبذ مسجد ، 2.ڪلون مينار. 4.مير عرب مدرسو ۽ 5.چار مينار، | |||||||
ازبڪستان ۾ مقام | |||||||
جاگرافي بيهڪ: 39°46′N 64°26′E | |||||||
ملڪ | ازبڪستان | ||||||
خطو | بخارا وارو خطو | ||||||
قائم ٿيو | 6ھين صدي ق م | ||||||
پھريون ذڪر | 500 | ||||||
حڪومت | |||||||
• قسم | شھري انتظاميه | ||||||
• حاڪم (ميئر) | ڪريم جمالووچ ڪمالوف | ||||||
پکيڙ | |||||||
• شھر | 143.0 ڪ.م2 (55.213 ميل2) | ||||||
• شھري | 73.0 ڪ.م2 (28.2 ميل2) | ||||||
بلندي | 225 ميل (738 ft) | ||||||
آبادي (2017) | |||||||
• شھر | 272,000 |
ھن شھر جو قيام پنجين کان چوٿين صدي قبل مسيح ۾ ٿيو[6]. اسلام کان اڳ بخارا جو ذڪر ورلي ملندو هو. بخارا جو آڳاٽو ذڪر ستين صدي عيسويءَ جي چيني ماخذن ۾ ملي ٿو، پر شهر جو نالو ”پوهر“ ڄاڻايل آهي، جيڪو اڳتي هلي ”وِهارا“ (خانقاه) ٿيو ۽ جڏهن عربن جي فتح کان پوءِ هن شهر جي تاريخ عربن مرتب ڪئي ته ” بخارا “ ۾ تبديل ٿي ويو[1]. چيو وڃي ٿو ته عربن جو پهريون لشڪر 54ھ/ 674ع ۾ عبدالله بن زياد جي قيات ۾ بخارا تي حملي آور ٿيو. ان زماني ۾ بخارا تي -ترڪ- بيواهه راڻي ’قُبح خاتون‘ حڪمران هئي، جيڪا پنهنجي نابالغ پٽ جي طرفان قائم مقام هئي[1].
ھي شھر 709ع ۾ خلافت بنو اميه جي قبضي ۾ آيو[6].91ھ/ 710ع ۾ قُتيبه -بن- مسلم پنهنجن دشمنن کي شڪست ڏيئي، شاه بخارا جي حيثيت سان خار خدات (شاه بخارا ) مقرر ٿيو. اهوئي قُتيبه بن مسلم هو، جنهن بخارا ۾ اسلامي حڪومت کي مضبوط بنيادن تي استوار ڪيو هو. رمضان 121ھ/ 738ع تائين ڪيترائي ڀيرا ترڪن بخارا تي حملا ڪيا، پر بخارا تي عربن جو قبضو جاري رهيو[1]. عربن جي فتح کان پوءِ لاڳيتو ست سؤ سال جي شھر عربن ، فارسين، ترڪن ۽ منگولن جي حاڪميت ۾ ۾ رھندو آيو. چوڏھين صدي عيسويءَ ۾ تيمورلنگ جي قبضي هيٺ رھيو ۽ اسلامي سکيا جو مرڪز ٿي ويو. خاص طور تي چوڏھين صدي ۾ بھاء الدين نقشبند جي ڪري جنھن صوفين جي نقشبندي سلسلي کي شروع ڪيو[6]. شاه بخارا شروع شروع ۾ هڪڙي سٺي مسلمان وانگر زندگي بسر ڪندو رهيو. جيتوڻيڪ بخارا سنڌ جي سرحدن کان ڪافي پري آهي، ان هوندي به بخارا تي منگول حملن، اندروني فسادن ۽ رياستي افراتفريءَ سبب اتان اُپکنڊ ڏانهن وڏيون هجرتون ٿيون آهن. انهن هجرتن سبب سنڌ جي سياسي ۽ مذهبي وايو منڊل تي هڪ خاص اثر پيو آهي[1]. ڪربلا جي واقعي کانپوءِ ايران ۽ بخارا طرف لڏي ويل اڪثر سادات ڪٽنب وقت به وقت ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل ۽ قتل غارت سبب افغانستان رستي ڪشمير ۽ پنجاب کان ٿيندا سنڌ يا دهليءَ طرف لڏيندا ويا[1]. جديد فارسي ادب جو فروغ -بخارا- مان ئي ٿيو. ايران جي گهڻن شهرن وانگر جاگرافيدانن بخارا کي ٽن وڏن حصن ۾ ورهايو آهي: (1) قلعه، (2) خاص شهر يعني شهرستان، ۽ (3) مضافات شهر، جيڪو قديم شهر ۽ اسلامي عهد ۾ تعمير ڪيل فصيل جي وچ ۾ آباد هو. قلعو قديم ترين زماني ۾ انهيءَ هنڌ هو، جتي هينئر به موجود آهي[1]. هيءُ قلعو 716 هجريءَ ۾ ڪئين ڀيرا تباهه ٿي، ٻيهر ٺهندو رهيو. زوال واري زماني ۾ به بخارا ، اسلامي علم ۽ دانش جو مرڪز رهيو ۽ انهيءَ حيثيت سان ئي ان- جي مشهوري ۽ ناموري قائم رهي. 6 صدي هجري/ 12 صدي عيسويءَ ۾ علماءَ جو هڪ معزز خاندان ’آل برهان‘ بخارا ۾ هڪ قسم جي ديني حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هيءُ علائقو ٿوري عرصي لاءِ آزاد ٿي ويو[1]. 604ھ/ 1207ع ۾ جڏهن هڪڙي عوامي (شيعا) بغاوت جي ڪري، انهن کي شهر کان نڪرڻو پيو ته کين غيرمسلم آقائن وٽ پناهه وٺڻي پئي. انهيءَ سال هيءُ شهر، محمد بن ترڪش خوارزم شاهه جي حڪومت ۾ اچي ويو. هُن قلعي جي نئين سر مرمت ڪرائي ۽ ٻيون عمارتون اڏايون[1]. ابن الاثير جي بيان مطابق 4 ذوالحج 616ھ/ 10 فيبروري 1220ع تي -بخارا- شهر، چنگيز خان جي لشڪر جي اطاعت قبول ڪئي. قلعي تي قبضو ٻارهن ڏينهن کان پوءِ ٿيو. شهر کي تاراج ڪيو ويو. جامع مسجد ۽ چند محلاتن کي ڇڏي، سڄي شهر کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو، پر -بخارا- جلد ئي پنهنجي اصلي حالت تي اچي ويو، تنهنڪري چنگيز خان جي جانشين جي عهد ۾ شهر جو ذڪر ڳتيل آباديءَ واري شهر ۽ علم و دانش جي مرڪز طور ڪيو ويندو آهي[1]. 905ھ/ 1500ع جي لڳ ڀڳ -بخارا- تي شيباني خان جي سرڪردگيءَ ۾ اُزبڪن جو قبضو ٿي ويو ۽ ٻن مختصر دورن ۾ (916ھ/1510ع کان پوءِ شيباني قتل ٿيو ۽ ٻئي دور (1153ھ/1740ع) ۾ روس جي انقلاب تائين انهن جي هٿ هيٺ رهيو[1].1557 ۾ عبدالله ابن اسڪندر خان (وفات:1598) بخارا خانيٽ ٺاھي شھر کي پنھنجو گادي جو هنڌ بڻايو. انخانيٽ واري دؤر ۾ ھي شھر پنھنجو تاريخي عروج ڏٺو[6]. بعد ۾ داخلي تڪرارن خانيٽ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ 1740 ۾ ھن شھر تي فارس جي نادر شاھ قبضو ڪيو ۽ فارس کان 1753 ۾ آزاد ٿيو[6]. ازبڪن جي قبضي هيٺ آيل سڀ علائقا، حڪمران خاندان جي ملڪيت سمجهيا ويندا هئا. خان جو تختگاهه سمرقند هو. شيباني خاندان جي ٻن حڪمرانن عبيدالله -بن- محمود ۽ عبدالله بن اسڪندر جو دارالسلطنت بخارا- هو، سندن ئي طفيل -بخارا- ٻيهر سياسي ۽ فڪري زندگيءَ جو مرڪز بنجي ويو. انهن کان پوءِ ايندڙ حڪمرانن به -بخارا- کي حڪومت جو مرڪز بنايو. اهڙيءَ طرح سمرقند جي اهميت ختم ٿي وئي[1]. 10 صديءَ هجري/ 16 صدي عيسويءَ ۾ روس ۽ -ازبڪ- رياستن جي وچ ۾ واپاري تعلقات قائم ٿيا[1]. 17 ۽ 18 صديءَ ۾ وچ -ايشيا- مان ايندڙ واپارين ۽ تارڪين وطن جون بستيون، جيڪي نوبوسڪ ۾ آباد هيون، اهي به روس ۾ بخارست جي نالي سان مشهور هيون. 1868 ۾ ھن خانيٽ تي روس قبضو ڪيو ان کي پنھنجع زيرنگراني علائقو (protectotate) بڻائي ڇڏيو جنھن ۾ حڪمراني روسي حاڪمن جي ھئي. بعد واري آيل صديءَ ۾ مسلم ڏاھپ جي سڌارن جي تحريڪ ۽ ملائيت خلاف نوجوان بخاري نالي تحريڪ جي جدوجھد اڀرڻ لڳي.
1917 ۾ روسي انقلاب کانپوءِ روس جي بخارا خانيٽ تي گرفت ختم ٿي وئي[6]. 1920 ۾ نوجوان بخارين جي مدد سان سوويت فوجون بخارا ۾ داخل ٿي ويون ۽ آخري امير جلاوطن ٿي ويو. بخارا پيپلز سوويت ريپبلڪ وجود ۾ آئي جيڪا 1924 تائين قائم رهي[6]. 1924 ۾ بخارا جي ان ريپبلڪ کي ثوڙي ٽن ريبلڪن ۾ ورھايو ويو جن ۾ ازبڪ، تاجڪ ۽ ترڪمان سوويت سوشلسٽ ريپبلڪون شامل ھيون. بخارا شھر ازبڪ سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ ۾ رھيو[6].
.
وقت سان بخارا سوويت يونين جو حصو ٿي ويو ۽ هاڻي ازبڪستان جو هڪ اهم شهر آهي[1]. [7]
بخارا جي ماڻھن کي بخاري سڏيندا آهن. ازبڪستان سرڪار جي انگ اکرن مطابق شھر جي 82 سيڪڙو آبادي ازبڪ، 6 سيڪڙو روسي، 4 سيڪڙو تاجڪ، 3 سيڪڙو تاتاري، 1 سيڪڙو ڪوريائي، 1 سيڪڙو ترڪمان، 1سيڪڙو يوڪريني ۽ 2سيڪڙو باقي ٻيا آھن.[8] پر مغربي ذريعن مطابق شھر جي غالب آبادي تاجڪ ٻولي ڳالھائيندڙن جي آھي جن جو شمار از ڪن ۾ ڪيو وڃي ٿو [9][10] [11]
بخارا جون ھيٺيون مشھور شخصيتون رھيون آھن:
بخارا ايم 37 ھاءوي ذريعي ترڪمانستان جي شھر اشق آباد سان ڳنڍيل آهي. سيم-39 ھاء وي ذريعي افغانستان جي شھر مزار شريف سان ڳنڍيل آهي. ھتي ھڪ بين الاقوامي ايئرپورٽ پڻ آهي.
بخارا ۽ ٻين شھرن وچ فاصلا
شھر | شھر | فاصلو: ڪ.م. | روڊ |
---|---|---|---|
بخارا | اندزھان | 919 | ھا |
بخارا | سمرقند | 268 | ھا |
بخارا | فرغانه | 905 | ھا |
بخارا | ڪارشي | 161 | ھا |
بخارا | خيوا | 470 | ھا |
بخارا | ڪوقند | 804 | ھا |
بخارا | نوڪوس | 556 | ھا |
بخارا | شکري سبز | 284 | ھا |
بخارا | تاشقند | 557 | ھا |
بخارا | طرميز | 383 | ھا |
بخارا | ارگينچ | 435 | ھا |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.