سنڌي سامونڊي-ڌاڙيل From Wikipedia, the free encyclopedia
باوارِج (انگريزي ٻولي: Bawarij)سنڌ مان سنڌي سامونڊي ڌاڙيل هيا، جن کي باوارج جي نالي سان سندن مخصوص بارجا پوڄا ڪارڻ سڏيو ويندو هيو.[1] باوارج سنڌ ۽ گجرات مان سنڌي سامونڊي (دريائي) ڌاڙيل هيا، جِن عرب سامونڊي جهاز کي لُٽيو، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۽ چين جي وچ ۾ سفر تي هيو.انهن مڪمل طور تي سَماسُلطنت (AD 1335–1520 سن عيسوي).[2] جي دوران مذهب تبديل ڪري اسلام قبول ڪيو.اُهي ابو الحسن علي بن الحسين بن علي المسعودي پاران سُڪُوتراٻيٽُ (Socotra) ۾ قزاقن ڌاڙيلن مانند اڪثر طور تي ذڪر ڪيا وياآهن. ٻين دانشورن کين درياھي ڦورو، سامونڊي جھازن کي ڦريندڙ، سامونڊي لٽيرو، بحري قزاق طور وضاحت ڪئي آهي ۽ سنڌ جا ميربحر سڏيو آهي.ابو عبد الله محمد بن عبد الله اللواتي الطنجي بن بطوطة انهن جي جنگي تِيرانداز ۽ پٿر چپو(ٻيڙي ءَ کي ھلائڻ جو ڊگھو ڏنڊو) سان جنگي جهاز هلائيندڙ،پنجاهه ملاح ۽ پنجاهه هٿياربند همراهه ڪاٺيءَ جي ڇِتين سان تِيرن ۽ پٿرن جي خلاف حفاظت لاءِ استعمال ڪندڙ طور وضاحت ڪئ آهي. أبو جعفر محمد بن جرير بن يزيد الطبري باوارِج پاران (866 CE) ۾ بصرا تي حملي دوران سندن وضاحت هِن ريت ڪري ٿو ته هڪ " جهازران (istiyam)، آتشي اسلحي اڇلائيندڙ(naffatun)،هڪ تنوروارو، هڪ واڍڪو ڪم ڪندڙ ,ٽيهه صف بنديءِ ۾ ٻيڙو هلائيندڙ ۽ پنجيتاليهن جو پورائو ڪندڙ ويڙهاڪ[3]. هي سامونڊي جهاز جنگي مشقن لاءِ ناموزون هيا۽ ٻين چالاڪ سِرجهاز جهاز جي اڳئين حصي يا ان دور جي ٻين بحري يونٽن جي مقابلي ۾ صلاحيتن جو فقدان هين پر هٿوهٿ ويڙهه لا موزون هيا
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.