From Wikipedia, the free encyclopedia
باندر ڦول هڪڙو يڪ – سالو ولايتي گل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ مانڪي فلاور (يعني گل ڀولڙو) چون ٿا. ڪتابي نالو مئيميولس (Mimulus strictus) اٿس. هن جو ٻوڙو ويٺل ٿو ٿئي، گل وڏا، سهڻا، وات پٽيل نارنگيءَ ۽ قرمزيءَ رنگ جا ڪندو آهي. ڪن ۾ ته چيٽي جهڙا سونهري پيلي رنگ جا دٻڪ دٻڪ ٿيندا آهن. ڪي وري ٽامي جي رنگ جا ۽ کهنبا گل ڪندا آهن.[3]
هي يڪ – سالو باغ جي لاءِ تمام چڱي سوکڙي آهي. ٻج تمام سهڻو ٿيندو اٿس، تنهنڪري واريءَ سان ملائي چپٽيون ڀري ڪونڊين يا پاٽن ۾ پوکجي، جن ۾ مٽيءَ سان ججهي واري ملائڻ گهرجي. پاٽن ۾ مٿان پاڻي نه وجهجي. جڏهن مٽي سڪي وڃي تڏهن ڪا خالي وڏي پاٽ پاڻيءَ سان ڀري، تنهن ۾ گل واري ننڍي پاٽ کڻي رکجي، جيسين ڪ هيٺئين ٽنگ مان مٽي ڀڄي وڃي. جڏهن سلا وڏيرڙا ٿين تڏهن ڪڍي هڪڙو هڪڙو جدا ڪَونڊيءَ ۾ رکجي. ڪونڊين مٽائڻ مان هنن کي فائدو پهچي ٿو. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.[3]
باندر ڦول | |
---|---|
اسڪاٽلينڊ ۾ اريٿرينٿ پيريگرينا جو گل | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | فرائميشيا |
قسم جنس | |
اريٿرينٿ ڪارڊيلنلس (ڊوگلس اڳوڻو بينٿم) | |
هم معنيٰ[1] | |
مميولس sect. اريٿريٿ (اسپاڪ) گرين ، بل.ڪيلفورنيا اڪيڊمي آف سائنس 1: 108.1885 |
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.