اگر بتي
From Wikipedia, the free encyclopedia
اگربتي:(Incense):هڪ قسم جي وڻ جي خوشبوءِ دار ڪاٺي، جيڪا -ٻارڻ- سان خوشبوءِ ڏيندي آهي، عام طرح ماڻهو -اگر بتي- درگاهن، مزارن، قبرن ۽ گهرن ۾ خوشبوءِ لاءِ ٻاريندا آهن، سنڌ ۾ جابلو ايراضيءَ ۾ -اگر- جا ننڍا ننڍا -ٻوٽا- ٿيندا آهن، پر انهن ۾ ڪا خاص خوشبوءِ ڪانه هوندي آهي. هن ڪاٺيءَ کي ”اکر“ به چيو وڃي ٿو.[1]
انگريزيءَ جو لفظ انسينس (incense) لاطيني لفظ انسينڊر incendere مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي سڙڻ.اگربتيء جو استعمال قديم مصر ۽ بابل ۾ بہ ٿيندو ھو. يونان ۽ روم ۾ اگربتي جو استعمال بابل کان ڦھليو. سنڌ جي قديم تھذيب ۾ به اگربتي جو استعمال ٿيندو ھو موھن جي دڙي مان اگربتي جا برنر پڻ مليا آهن[2]انڊيا ۾ اگربتي جو استعمال اوڀر ايشيا کان پھتو. مزھبي عبادتن ۾ اگربتي جي استعمال جي ابتدا چين 2000 ق.م. ۾ ڪئي.[3]