اڪيلائپ جي نيتي يا پاليسي آف آئسوليشن (انگريزي ٻولي: Policy of Isolation) بين الاقوامي معاملن ۾ جڏهن ڪو به ملڪ دُنياجي مُختلف وهنوارن يا معاملن سان لاڳاپيل اتحادن ۾ حصو نه وٺندو آهي ۽ پنهنجي قومي مُفادن ماڻڻ سان ڪم رکندو آهي، ته ان کي هن اصطلاح سان ڀيٽيو ويندو آهي. پرڏيهي پاليسيءَ ۾ عدم مداخلت جي بُنياد تي عالمي برادريءَ ۾ رهڻ ۽ امن معاهدن ذريعي پاڻ کي بچائڻ جو عمل به هن اصطلاح ذريعي بيان ڪيو ويندو آهي، ان کان سواءِ سامراجي ملڪ پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ به ڪنهن ملڪ کي هڪ سوچيل سمجهيل نيتيءَ مطابق عالمي برادريءَ ۾ اڪيلائپ جو شڪار ڪندو آهي، ته ان صورتحال کي ”اڪيلائپ جي نيتي“ سڏبو آهي. ان حوالي هڪ مثال اهو به آهي آمريڪا پهرين عراق ۽ پوءِ ايران ڏانهن اهو ورتاءُ اختيار ڪندي انهن کي اڪيلائپ جو شڪار ڪرڻ ڪوششون ڪري چڪو آهي.[1]

Thumb
آمريڪا جي ملڪن کي اڪيلو ڪرڻ جي پاليسي خلاف احتجاج جو منظر

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.