اڪئمنيڊ
سائرس اعظم پاران قائم ڪيل پھرين فارسي سلطنت / From Wikipedia, the free encyclopedia
اڪئمنيڊ شھنشاھيت ( Achaemenid Empire):
ھيءَ ايران جي پھرين ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت ھئي. پنجين صدي قبل مسيح ۾ ھيء شھنشاھيت پنھنجي عروج تي هئي.ان وقت ان جن سرحدون اولھ ۾ البانيہ تائين، اوڀر ٽيڪسلا ۽ سنڌونديءَ جي وھڪري تائين، اتر ۾ ، آرال سمنڊ کان موجوده لبيا جي سائرني تائين جن ۾ اولهه ايشيا ۽ مصر شامل ھئا.[1] 550 ق.م. کان 330 ق. م. تائين ھلندڙ ھيء شھنشاھيت پھرين فارسي شھنشاھيت ھئي جنھن جو بنياد سائرس اعظم( پيداش580 -529وفات) وڌو.ان جي پکيڙ 55 لک چورس ڪلوميٽر تائين ھئي ۽ اھا صوبن ۾ ورھايل ھئي . ھن جي جوڙڻ وارا فارسي يا Persian خانابدوش ھئا . لفظ فارسي يا پرشين اصل ۾ علائقي جي نالي سان نسبت رکي ٿو.ان علائقي جو نالو فارس يا Persis آھي. جيڪو موجوده ايران جي ڏکڻ ۾ سمنڊ تي واقع آھي. [2] ايراني ان خطي ۾ 1000 قبل مسيح ۾ آيا. [3] ۽ ڪافي صديون نئين اشوري شھنشاھيت جي ماتحت رھيا پوء بابل وارن، سمير وارن، سيٿين ٔ چلڊين فارسين سان گڏجي اشوري شھنشاھيت جو خاتمو آندو ۽ فارسي اڪئنميڊ شھنشاھيت لاءِ رستو هموار ڪيو.[4]