هندستان From Wikipedia, the free encyclopedia
اکنڊ ڀارت يا اکنڊ (اُپکنڊ) ھندستان (انگريزي ٻولي: Akhand Bharat) سنسڪرت جو ھڪ اصطلاح آھي جنھن جي معنيٰ ”اڻ ورھايل ھندستان“ آھي. ان ۾ ڏکڻ، اوڀر ۽ وچ ايشيا جون اھي سڀ قومون ۽ خطا شامل آھن جيڪي ڪنھن بہ وقت ھندستاني رياستن يا سلطنت جو حصو رھيا ھيا يا ھندومت ۽ ٻڌمت جي مذھبي ڦھلاءَ جي جاگرافيائي دائري جي اثر ھيٺ رھيا ھيا.[1][2][3]
ننڍي کنڊ جو خطو مختلف دورن ۾ ڪيترن ئي رياستي ايڪائين ۽ سلطنتن جو مرڪز رھيو آھي جن ۾ اشوڪ جي زير نگين بام عروج تي موريا سلطنت، مغل سلطنت 1526-1700 ۽ برطانوي راڄ پوري اڻويھين صدي، انھن سڀني ڏکڻ ايشيا جي صورت گري تي ڏاڍا گھرا نقش مرتب ڪيا.[4]
ھندستان جي آزادي جي تحريڪ جي وقت ڪنھيا لال ماڻڪ لال منشي اکنڊ ھندستان جي وڪالت ڪندي چيو تہ مھاتما گانڌي جو مڃڻ آھي تہ جيسيتائين برطانوي ھندستان ۾ آھن ان وقت تائين ھندو مسلم ٻڌي جي ڪائي ڪوشش ڪارگر ثابت نہ ٿيندي ڇو تہ برطانين جي اھا پاليسي آھي ورھايو ۽ حڪومت ڪيو تنھنڪري اسان کي گڏ ٿيڻ نہ ڏيندا. ان کان سواءِ مظھر علي خان لکيو تہ خان برادر اکنڊ ھندستان جي لاءِ وڙھڻ تي پرعزم ھيا ۽ انھن ليگ کي صوبائي چونڊن کان پھريان ھن مسئلي سان منھن ڏيڻ جي لاءِ چيلنج بہ ڪيو ھو. 7-8 آڪٽوبر 1944 تي راڌا ڪمد مکرجي دليءَ ۾ اکنڊ ھندستان جي اڳواڻن جي ڪانفرس جي صدارت ڪئي.
ھاڻوڪي دور ۾ اکنڊ ڀارت يا اکنڊ ھندستان جي قيام جي تحريڪ ھندو قوم پرست تنظيمن طرفان اٿاريل آواز آھي مثال ھندو مھاسڀا، ڪڪڀوسوندي انقلابي فورم، راشٽريہ سوايم سيوڪ سنگھ، وشوا ھندو پريشاد، شيو سينا، ھندو سينا، ھندو جناجاگرتي سميتي ۽ ڀارتيا جنتا پارٽي وغيرہ.[5][6][7][8] انھي مقصد جي لاءِ ڪم ڪرڻ واري ھڪ ٻي تنظيم اکنڊ ھندستان مورڇ تہ پنھنجو تنظيمي نالو ئي ھن اصطلاح تي بڻائي وڌو آھي. ھندستان جي ٻين اھم سياسي جماعتن مثال کاٻي ڌر جي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس وغيرہ اکنڊ ڀارت جي ٻيھر قيام جي تحريڪ ھي حمايت نہ ٿي ڪري، توڻي جو ھندستان ڪشمير (ھندستان، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ورھايل رياست) کي سرڪاري نقشن ۾ پنھنجو نہ ٽٽندڙ انگ ٻڌائي رھيو آھي.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.