![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/f/f8/Edward_Said_and_Daniel_Barenboim_in_Sevilla%252C_2002_%2528Said%2529.jpg/640px-Edward_Said_and_Daniel_Barenboim_in_Sevilla%252C_2002_%2528Said%2529.jpg&w=640&q=50)
ايڊورڊ سعيد
From Wikipedia, the free encyclopedia
ايڊورڊ سعيد (انگريزي ٻولي: Edward Said)، يروشلم جي هڪ خوشحال عيسائي گهراڻي ۾ پهرين نومبر 1935ع تي جنم ورتو. ان وقت فلسطين برطانيا جي راڄ هيٺ هو. هي ابتدا ۾ يروشلم، قاهره ۾ رهيو ۽ پوءِ ننڍي عمر ۾ ئي وڃي آمريڪا ۾ رهيو ۽ اتي تعليم وٺڻ لڳو، هن گريجوئيشن ۽ ماسٽرس پرسٽن يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ورتي، جنهن دوران هن آرٽ، ادب ۽ ميوزڪ سان دلچسپي رکڻ سان گڏ فلسطيني سياست ۽ جدوجهد ۾ عملي قدم وڌايو. هن پنهنجي آتم ڪهاڻي- (Place out of) سميت ويهن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا، جن ۾ فلسطين جي تاريخ، موسيقي کان وٺي وچ اوڀر ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جهڙا موضوع شامل هئا، پر جنهن ڪتاب کيس سڀ کان وڌيڪ شهرت ڏني، اهو 1978ع ۾ شايع ٿيندڙ Orientatism، (مشترقيت) هو، هيءُ ڪتاب نيشنل بوڪ اوارڊ لاءِ به نامزد ٿيو، ان کانسواءِ سندس ٻين اهم ڪتابن ۾ هيٺيان اهم آهن:
ايڊورڊ سعيد | |
---|---|
(انگريزي ۾: Edward Wadie Said) ![]() | |
![]() | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 1 نومبر 1935 [1][2][3][4][5][6][7][8] ![]() بيت المقدس [9] ![]() |
موت | 25 سيپٽمبر 2003 (68 سال)[10][2][11] ![]() نيو يارڪ شهر [12] ![]() |
شھريت | ![]() ![]() |
عملي زندگي | |
پيشو | ليکڪ ،صحافي ،فلسفي ![]() |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي [13]،انگريزي ٻولي [13] ![]() |
مؤثر | سارتر ![]() |
ويب سائٽ | |
![]() |
IMDB تي صفحو ![]() |
ترميم ![]() |