ايشيا ۾ اسلام
From Wikipedia, the free encyclopedia
اسلام ستين صدي عيسويءَ ۾ اولھہ ايشيا ۾ واقع جزيره نما عرب ۾ شروع ٿيو ۽ اتان کان اسلام جي دعوت سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي.ايشيا ۾ اسلام جي شروعات ستین صدي عيسويءَ ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي حياتيءَ ۾ ٿي. سال 2020ع ۾ ايشيا ۾ مسلمانن جو ڪل تعداد اٽڪل ھڪ ارب ۽ ٽیھ ڪروڙ (1.3 بلین) هو، اهو ايشيا جو سڀ کان وڏو مذهب آهي. ايشيا مڪمل طور تي دنيا جي سڀ کان وڏي مسلمان آبادي آهي. ۽ دنيا جي تقريبن 62 سيڪڙو مسلمان ايشيا ۾ رهن ٿا، انڊونيشيا، پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش سان گڏ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مسلمان آبادي آهن. ايشيا سڀ کان وڏي مسلمان آبادي جو گھر آهي، اولهه ايشيا، وچ ايشيا، ڏکڻ ايشيا، ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا خاص طور تي اهم علائقا آهن. اسلام جا ڪيترائي پيروڪار ايشيا ۾ خاص ڪري اولهه ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسلامي تاريخ جي شروعات کان وٺي رهيا آهن.