اوڀر يورپ (انگريزي: Eastern Europe) يورپ کنڊ جو اوڀر وارو حصو جنھن جو تعين زميني سياست، جاگرافيائي، نسلي، ثقافتي ۽ سماجي معاشيات وارين وصفن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي.[1] گڏيل قومن جي اداري مطابق اھڙي علائقن جي تعين جي وصف لازمي طور تي ان علائقي جي سماجي ۽ ثقافتي جوڙجڪ آھي[2] ھڪ وصف مطابق اوڀر يورپ جي علائقائي تعين جو بنياد ان جو ثقافتي وجود آھي. ان علائقي جي ثقافت ساڳي طرح يوناني، بازنطيني، سلاوي، اوڀر واري عيسائيت، روس ۽ عٽماني خلافت واري ثقافتن جا اثر ورتا آھن[3][4] ھڪ وصف مطابق ھن علائقي جو تعين سرد جنگ دوران ايسٽرن بلاڪ جي ڪري ٿيو. ان جھڙي ٻي وصف مطابق ان جو سبب سوويت يونين کان ٻاھر يورپي ڪميونسٽ ملڪ ھيا[4] [1][5][6][7][8][3]

Thumb
خلا مان اوڀر يورپ جو ڏيک
ترت ڄاڻ آبادي جي سڃاڻپ, ملڪ ...
اوڀر يورپ
Thumb
آبادي جي سڃاڻپ ايسٽرن يورپين
اوڀر يورپي
ملڪ اوڀر يورپ جي ملڪن جي فھرست ملڪ
ماتحت علائقا اوڀر يورپ جي ماتحت علائقن جي فھرست ماتحت علائقا
بند ڪريو

اوڀر يورپي ملڪن روس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، آرمينيا، ليٽويا، اسٽونيا، پولينڊ، چيڪ ريپبلڪ، رومانيه، بلغاريه، سلاوڪ ريپبلڪ، بيلاروس، مالدووا، مونٽينيگرو، نارٿ مقدوينيه، سربيا، آسٽريا، ھنگري، سلووينيا، يونان، بوسنيا ۽ ھرزگوينيا، ڪوسووو وغيره شامل آهن

حوالا

Wikiwand in your browser!

Seamless Wikipedia browsing. On steroids.

Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.

Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.