امام ترمذي
From Wikipedia, the free encyclopedia
امام ترمذي (206ھ/821ع) ۾ ايران جي ’بوغ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. محدث امام ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو اصل نالو محمد بن عيسيٰ بن سوده بن موسيٰ بن ضحاڪ هو ۽ سندس ڪنيت ابوعيسيٰ هئي. ترمذ ۾ رهائش سبب ترمذي مشھور ٿيو.
امام ترمذي | |
---|---|
(عربي ۾: الترمذی, محمد بن عيسى)[1] | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | سال 825 [2][3][4][5][6] |
موت | سال 892 (66–67 سال)[7][8][9] |
شھريت | خلافت عباسيہ |
عملي زندگي | |
استاد | امام بخاري ،امام مسلم ،امام ابو دائود |
پيشو | امام |
دلچسپي | حديثي ادب |
تحريڪ | سني |
ترميم |
امام ترمذي، امام بخاريءَ جو شاگرد هو. بعد ۾ امام مسلم، امام ابودائود ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن کان علمي استفادو حاصل ڪيائين. حديث جي طلب ۾ ڪيترن ئي علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين ۽ حديثن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيائين، جيڪو ”جامع ترمذيءَ“ جي نالي سان مشھور آهي ۽ حديث جي ڇهن مستند ڪتابن: ”صحاح ستہ“ ۾ شامل آهي. جامع ترمذيءَ کان علاوه هن ”شمائل ترمذي“ بہ لکيو. ”جامع ترمذيءَ“ جون 17 شرحون آهن ۽ ”شمائل ترمذي“ جون 14 يا 15 شرحون آهن.
امام ترمذيءَ جي باري ۾ اها بہ روايت آهي تہ پاڻ پيدائشي نابين هو. ٻيءَ روايت موجب، خدا جي خوف جي ڪري مسلسل روئڻ سبب نابين ٿي ويو هو. 17 رجب 279ھ/13 آڪٽوبر 892ع تي وفات ڪيائين.[10]