From Wikipedia, the free encyclopedia
الڪا ياگنڪ (انگريزي: Alka Yagnik]،جنم: 20 مارچ 1966ع)، هندستاني فلمي گيت ڳائيندڙ هڪ سريلي گلوڪاره آهي. گذريل ٽن ڏهاڪن کان سندس آواز ۽ فن جو جادو هندستان جي فلمي دنيا ۾ حڪمراني ڪري رهيو آهي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي انعامن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو آهي. هن جا ڳايل گيت سڄي ننڍي کنڊ ۾ پسند ڪيا وڃن ٿا[2]. هن کي ”فلمي گيتن جي راڻي“ ۽ ”ماکيءَ کان مٺي آواز واري گلوڪاره“ سڏيو وڃي ٿو.
الڪا ياگنڪ | |
---|---|
پيدائش | مارچ 1966 (عمر 58 سال)[1] ڪلڪتو، اولھ بنگال، هندستان |
قوميت | ڀارتي |
پيشو | فلمي گيت ڳائيندڙ گلوڪاره |
سَرگَرمُ سالَ | 1980ع کان هاڻي تائين |
جيون ساٿي | نيراج ڪپور (شادي: 1989ع) |
ٻار ٻچا | هڪ ڌيءَ |
اعزاز | فلم فيئر ايوارڊ، قومي فلمي ايوارڊ |
الڪا جو جنم هندستان جي مشهور شهر ڪلڪتي ۾ 20 مارچ 1966ع تي ٿيو[3]. سندس پيءَ جو نالو ڌرميندر شنڪر آهي. سندس ماءُ شوڀا پنهنجي دور جي مشهور ڪلاسيڪي ڳائڻي هئي. هن ڇهن ورهين جي ننڍڙي ڄمار ۾ آڪاش واڻيءَ (آل انڊيا ريڊيو) تان ڳائڻ شروع ڪيو. ڏهن سالن جي عمر ۾ هوءَ پنهنجي ماءُ سان گڏ ممبئي لڏي آئي جتي هن ٻار طور ڳائڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي نامياري موسيقار لڪشمي ڪانت ۽ مشهور اداڪار راجڪپور جي همت افزائيءَ سان موسيقيءَ جي ميدان ۾ متعارف ٿي.
الڪا ڇهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪلڪتي ريڊيو اسٽيشن تي ڀڄن ڳائي پنهنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هن 1980ع ۾ جهنڪار فلم لاءِ پنهنجو پهريون گيت رڪارڊ ڪرايو. ان کان پوءِ 1981ع ۾ فلم لاوارث ۽ 1982ع ۾ فلم هماري بهو الڪا لاءِ هن گيت ڳايا. 1988ع ۾ فلم تيزاب لاءِ سندس ڳايل گيت ”ايڪ دو تين“ کيس مقبوليت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. هن گاني ڳائڻ تي کيس بهترين پس پرده ڳائڻيءَ طور پهريون فلم فيئر ايورڊ مليو. اردو ۽ هنديءَ سان گڏ هن ٻين به ڪيترين ئي ٻولين ۾ فلمي گيت ڳايا آهن جن ۾ آسامي، بنگالي، گجراتي، ملي، ميراٺي، سنڌي، پنجابي، تامل ۽ تيلگو ٻوليون شامل آهن. 1993ع ۾ هن ايئا ارون سان گڏجي مشهور گانو ”چولي ڪي پيڇي ڪيا هئي“ ڳايو جنهن تي کيس بهترين پس پرده گلوڪاره طور ٻيو فلم فيئر ايوارڊ مليو. 1994ع ۾ هن سونوڪمار ۽ ايئا ارون سان گڏ مشهور گانو ”دل مين ليتي هئي“ رڪارڊ ڪرايو. انور ساگر جو لکيل هي گانو هن فلم امانت لاءِ ڳايو. هن گاني جي موسيقي بپي لهري ترتيب ڏني. انهيءَ کان پوءِ هن ڪيترائي لافاني گيت ڳايا آهن. عورت ڳائڻيءَ طور هن کي ست فلم فيئر ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن 1114 فلمن ۾ 2486 گانا ڳايا آهن[4]. هن لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي کان پوءِ هڪ عورت گلوڪاره طور سڀ کان وڌيڪ گانا ڳايا آهن.
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.