الپس
مرڪزي يورپ ۾ جبلن جو مکيه نظام / From Wikipedia, the free encyclopedia
الپس (انگريزي: Alps ) يورپ جو سڀ کان وڏو جبلن جو سلسلو آھي جنھن جون قطارون ڪيترن کوڙ ملڪن ۾ ڦهليل آھن.[1] ھي سلسلو ڏکڻ يورپ کي وچ يورپ ۽ اولھ يورپ کان ڌار ڪئي ٿو ۽ 1,200 ڪلوميٽرن تائين اٺ الپائين ملڪن ۾ ڦھليل آھن جن مان اولھ کان اوڀر پاسي فرانس، سوئٽزرلينڊ، اٽلي، موناڪو، ليچنسٽائين، آسٽريا، جرمني ۽ سلوانيا شامل آهن.[2]
الپس | |
---|---|
الپس جبلن جي قطار جو سڀ کان اوچو جبل مائونٽ بلانڪ جو سوائي (Savoy) واري پاسي کان منظر | |
اوچي سطح | |
چوٽي | مائونٽ بلانڪ |
بلندي | 4٬808.73 m (15٬776.7 ft) |
امتياز | [اوزا تبديل: needs a number] |
اڪيلائي | [اوزا تبديل: needs a number] |
مقانيت | |
Dimensions | |
ڊيگهه | 1٬200 km (750 mi) |
ويڪر | 250 km (160 mi) |
ايراضي | 200٬000 km2 (77٬000 sq mi) |
جاگرافي | |
![]() الپس جو قطارون
عالمي سرحدون ڏيکاريندڙ الپس جو نقشو .
| |
Countries | |
ارضيات | |
اوروجيني | Alpine orogeny |
پٿر جو قسم | Bündner schist, flysch and molasse |
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/b/be/Saslong_udu_da_Sacun_ora.jpg/640px-Saslong_udu_da_Sacun_ora.jpg)
ھڪ ڪروڙ سال اڳ آفريڪي زميني پليٽ ۽ يوريشيا واري زميني پليٽ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي ڪري ھي جبل وجود ۾ آيا. ان ٽڪر جي شدت سان زمين ھيٺ گھتجڻ جي ڪري سمنڊ جي اندر وارا اونھا پھاڙ ٻاھر نڪري آيا ۽ ويڙھجي اوچا جبل بڻجي ويا جن ۾ مائونٽ بلانڪ ۽ ميٽرھارن واريون چوٽيون شامل آهن. مائونٽ بلانڪ فرانس ۽ اٽليءَ واري سرحد تي الپس جي سڀ کان اوچي چوٽي آھي جيڪا سمنڊ جي سطح کان 4,810 ميٽر يا 15,781 فٽ بلند آھي. الپس جون لڳ ڀڳ ھڪ سؤ چوٽيون چار ھزاري آھن يعني چار ھزار ميٽرن جي بلندي واريون آهن جن جو يورپ جي موسم تي تمام گهڻو اثر آھي.