اسٽيو بالمر
From Wikipedia, the free encyclopedia
اِسٽيوَ بالمر، پورو نالو اسٽيوِن اينٿوني بالمر (انگريزي: Steven Anthony Ballmer)، آمريڪي، پيدائش 24 مارچ 1956ع.[1]
ارب پَتي واپاري ۽ سيڙپڪار، جنھن 2000ع کان 2014ع تائين مائڪروسافٽ جي چيف اگزيڪٽو آفيسر (CEO) طور ڪم ڪيو[2]. ھي ھينئر نيشنل باسڪيٽ بال ايسوسيئشن (NBA) جي لاس اينجلس ڪليپرس (Los Angeles Clippers) جو مالڪ آھي.
2020ع جي ڊسمبر مھيني ۾ فوربز ھن جي ذاتي ملڪيت جو ڪاٿو 74.3 ارب آمريڪي ڊالر لڳايو[3][4] ۽ کيس دُنيا جي سڀني کان وڌيڪ سُکين ماٹھن جي درجي بَندي ۾ ڏھين انگ تي رکيو[5]، جڏهن تہ جنوري 2021ع ۾ سندس نالو ٻارھين انگ تي آھي ۽ سندس ملڪيت جو ڪاٿو 73.5 ارب آمريڪي ڊالر آھي.[6]
وڌيڪ معلومات اسٽيو بالمر, پيدائش ...
اسٽيو بالمر | |
---|---|
پيدائش | اسٽيوِن اينٿوني بالمر
24 مارچ 1956ع (عُمر 64 سال) ڊيٽرائِٽ، مِشيگن، آمريڪا. |
تعليم | ھارورڊ يونيورسٽي
(بي اي BA) اسٽينفورڊ يونيورسٽي (ايم بي اي MBA) |
ڪِرت | سيڙپڪار ۽ واپاري |
ڄاتو وڃي ٿو | مائڪروسافٽ جو اڳوڻو چيف اگزيڪٽِو آفيسر (CEO) |
ڪُل ملڪيت | 83.6 $ ارب آمريڪي ڊالر (پھرين فيبروري 2021ع)[7] |
گھرواري | ڪوني سِنائڊر
(شادي 1990ع) |
ٻار | 3 |
بند ڪريو