![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/9/95/Milton_diktiert_seinen_T%25C3%25B6chtern_das_%25C2%25BBParadise_Lost%25C2%25AB_%2528Eug%25C3%25A8ne_Ferdinand_Victor_Delacroix%2529.jpg/640px-Milton_diktiert_seinen_T%25C3%25B6chtern_das_%25C2%25BBParadise_Lost%25C2%25AB_%2528Eug%25C3%25A8ne_Ferdinand_Victor_Delacroix%2529.jpg&w=640&q=50)
اسلوب (ادب)
From Wikipedia, the free encyclopedia
اسلوب (Style) اهو لکڻ جو انداز ۽ معيار آهي، جنهن مان اديب/ساهتڪار جي شخصيت جو پختو اندازو لڳائي سگهجي. هر فن تجربن مان ڦٽي ٿو، جيڪو شعور جو لباس پهري دل ۽ دماغ ۾ وسي ٿو. هر ساهتڪار شعوري ڪوشش سان پنهنجو اسلوب بيان رکي ٿو.
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/9/95/Milton_diktiert_seinen_T%C3%B6chtern_das_%C2%BBParadise_Lost%C2%AB_%28Eug%C3%A8ne_Ferdinand_Victor_Delacroix%29.jpg/640px-Milton_diktiert_seinen_T%C3%B6chtern_das_%C2%BBParadise_Lost%C2%AB_%28Eug%C3%A8ne_Ferdinand_Victor_Delacroix%29.jpg)
مثال طور جان ملٽن (1609-1674ع) جي شخصيت ۽ سندس اسلوب ‘وڃايل جنت’ (Paradise Lost) ۾ نمايان نظر ايندو. جان ڪيٽس (1795-1821ع)، پنهنجي ‘نظم هائپيرين’ ۾ ڪوشش باوجود بہ ملٽن جو اسلوب پيدا نہ ڪري سگهيو آهي. ان طرح غالب، انيس جي رنگ ۾ لکي نہ سگهيو. مرزا غالب (1797-1869ع) وٽ اهو مذهبي جوش نہ آهي جهڙو مير انيس (1802-1874ع) جي مرثيہ نگاريءَ ۾ آهي. وليم شيڪسپيئر جهڙا ڊراما ڪوبہ ڊراما نگار لکي نہ سگهيو آهي. سنڌي ادب ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي اسلوب جو ڪوبہ ثاني ڪونهي. شيخ اياز جو پنهنجو اسلوب، استاد بخاريءَ جو پنهنجو اسلوب ۽ تنوير عباسي، شمشير الحيدري ۽ امداد حسيني، ارجن حاسد، واسديو موهيءَ جو پنهنجو اسلوب ۽ افساني ۾ امر جليل جو پنهنجو اسلوب آهي.[1]