اسريل ملڪ
هڪ ترقي يافته صنعت ۽ انفراسٽرڪچر سان ملڪ / From Wikipedia, the free encyclopedia
ترقي يافتہ ملڪ(انگريزي: Developed Country) اھڙو خودمختيار ملڪ ھوندو آھي جنھن جي معيشت جديد ٽيڪنالاجي واري ڍانچي جي صورت ۾ اسري چڪي ھجي. ڪنھن بہ ملڪ جي ترقي يافته ھجڻ جي تعين ڪرڻ لاء جيڪي عنصر لازمي آهي انھن م ڪل قومي پيداوار ، ڪل قومي آمدني، في ڪس آمدني، صنعتڪاري جي سطح، معاشي ڍانچي جي ڦھلاء جي مقدار ۽ عام زندگي جا معيار شامل آهن[1].بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي 2015 جي رپورٽ مطابق ترقي يافته معيشت دنيا جي جي ڊي پي جي بنياد تي 60.8 سيڪڙو نامينل ويليو تي ۽ 42.9 سيڪڙو قوت خريد جي برابري جي بنياد تي ھوندي آھي[2].