From Wikipedia, the free encyclopedia
اسد قیصر(انگريزي: Asad Qaiser) (اردو: اسد قیصر15 نومبر 1969 ۾ ڄائو. پاڪستاني سياستدان جيڪو قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿي آگسٽ 2018 ۾ ساڳي ايوان جو اسپيڪر ٿيو. ان کان اڳ خيبرپختونخواھ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر 2013 ۾ ميمبر ٿيو ۽ ساڳي سال ان اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيو ۽ 2018 تائين بطور اسپيڪر ڪم ڪيائين
اسد قيصر | |
---|---|
اسپيڪر | |
دفتر سنڀاليو 15 آگسٽ 2018 | |
ڊپٽي | قاسم ثوري |
پيشرو | سردار اياز صادق |
قومي اسيمبلي جو رڪن | |
دفتر سنڀاليو 13 آگسٽ 2018 | |
حلقو | اين اي-18(صوابي I) |
خيبرپختونخواھ اسيمبلي جو چوڏھون اسپيڪر | |
عهدو سنڀاليو 30 مئي 2013 – 13 آگسٽ 2018 | |
ڊپٽي | امتياز شاھد |
پيشرو | ڪرامت الله خان |
جانشين | مشتاق احمد غني |
خيبرپختونخواھ جي صوبائي اسيمبلي جو رڪن | |
عهدو سنڀاليو 29 مئي 2013 – 28 مئي 2018 | |
حلقو | پي ڪي 35(صوابي V) |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | سانچو:جنم ڏينهن ۽ عمر صوابي ضلعو ، پاڪستان |
قوميت | پاڪستاني |
سياسي جماعت | پاڪستان تحريڪ انصاف |
15 نومبر 1968 ۾ مرغوز يونين ڪاؤنسل ، ضلعي صوابي ۾ پيدا ٿيو.[1] .[2]ھن ابتدائي تعليم مرغوز جي سيڪنڊري اسڪول مان حاصل ڪيائين . گريجوئيشن گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج صوابي مان ڪيائين جيڪا پشاور يونيورسٽي سان منسلڪ آهي[1][3] [4] ۽ بيچلر آف آرثس جي ڊگري حاصل ڪئي .[2]
ھن سياسي ڪيريئر جو آغاز جماعت اسلامي کان ڪيو. 1984 م ڪھوٽا ڪاليج صوابي ۾ جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ ، اسلامي جميعت طلبا جو ناظم مقرر ٿيو 1995 ۾ جماعت اسلامي، پاڪستان جي نوجوانن جي ونگ ، پاسبان جو ڊويزنل صدر ٿيو..[5][2]1996 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيو.[5]۽ ساڳي سال تحريڪ انصاف ضلعي صوابي جو صدر ٿيو. 2008 کان 2013 تائين تحريڪ انصاف خيبرپختونخواھ جو صوبي جو صدر رھيو . 2013 ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي صوابي ضلعي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي ساڳي وقت اليڪشن کٽي آيو جن مان صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ميمبرشپ جاري رکي قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪيائين ، ۽ صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر منتخب ٿيو.2018 پي ڪي 44 صوابي II مان چونڊجي آيو.[6]ھن 31658 ووٽ کڻي عوامي نيشنل پارٽي جي ضامن شاھ کي شڪست ڏني.[7]ساڳي اليڪشن ۾ ايم سي 218 صوابي I تان بہ چونڊجي آيو.[8] جتان ھن 78970 ووٽ کڻي مولانا فضل علي حقاني کي شڪست ڏني.[9]ھن صوبائي اسيمبلي واري سيٽ خالي ڪئي ۽ بطور ميمبر قومي اسيمبلي قسم کنيائين [10]10 آگسٽ 2018 تي پاڪستان تحريڪ انصاف کيس اسپيڪرشپ لاء نامزد ڪيو [11]15آگسٽ تي اسپيڪر قومي اسيمبلي چونڊجي ويو ھن 176 ووٽ کنيا ۽ سندس مخالف اميدوار سيد خورشيد احمد شاھ 146 ووٽ کنيا [12]
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.