سنڌ تي تُرڪ منگول حڪمرانن جو خاندان جنهن سال 1520 کان سال 1591 تائين حڪومت ڪئي. From Wikipedia, the free encyclopedia
ارغون ، چنگيز خان, جو اولاد آهن۔ جنهن جو تفصيل هن ريت آهي ، ارغون خان, ولد هلاڪو خان, ولد طوطي خان, ولد چنگيز خان، ارغون خان جي اولاد مان مرزا شاھ بيگ, ولد امير ذوالنون, ولد حسن بصري, 924ھ مطابق 1520 ع بابر بادشاھه کان ناراض ٿي ، قندار کان سيوي ۽ گنج آم ( سبي ۽ گندا واه ) ، جي رستي ٺٽي آيو انهي وقت جي حڪمران ڄام فيروز سان لڙائي ڪري ، مٿس فتح حاصل ڪيائين ، ڄام فيروز اطاعت قبول ڪئي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ت لڪ علوي ( لڪي) کان هيٺ وارو حصو سمنڊ جي ڪناري تائين ، ڄام فيروز جي هٿ ۾ رهندو ، مگر مير علي اڪبر ارغون, هن جو معون هوندو ، انهي معاهدي موجب مرزا شاھ بيگ ارغون - مير عليڪم ارغون - سلطان مقيم بيگلار, ۽ ڪبيڪ ارغون کي سيوهڻ ۾ مناسب عهدن تي مقرر ڪرڻ بعد ، پاڻ بکر, ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ اتي سلطان محمود خان, ولد مير فضل خان ، ڪوڪشاهن کي جو اڃا پندرهن سالن جو هو ۔ حاڪم مقرر ڪيائين ، بکر جو قلعو کيس پسند آيو ، ۽ رضوي ، ساداتن ۽ ترڪن وغيره کي ، جي گهڻي عرصي تائين اتي رهندا هئا ۔ روهڙي ۾ وڃي رهڻ جو حڪم ڏنائين.
مرزا شاھ بيگ (1521-1555
مرزا شاھ حسن (1555-1592)
1۔ قاضي قاضن ( 1463 -1555)
2۔ سيد علي ثاني ٺٽوي (1486 - 1573)
3۔ راڄيو ستيو دل ( وفات 1569 ڌاري)
4۔ درس علاء الدين
5۔ شيخ لاڏجيو ( 1523 - 1598)
6۔ جرڪس فقير
7 شيخ حلو
8 مخدوم نوح (1506 - 1590)
9۔ سيد ابوبڪر لڪياري
1۔ هي دور فارسي زبان, جي تسلط جو دور آهي ، جنهن ۾ سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻولي جو ب استحصال ٿيو ۔ فارسي سرڪاري دفتر ، انتظامي ڪاروبار ، خط و ڪتابت ، تعليم ۽ تصنيف ، ادب ۽ شاعري جي زبان بڻجي وئي ۔ فارسي جي ايتري اثر هئڻ باوجود ب ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سنڌي ٻولي ۾ اعليٰ درجي جي شاعري ڪري پنهنجو تاريخي فرض ادا ڪيو.
2۔ هن دور ۾ رومانوي داستانن کي تمشيل طور استعمال ڪرڻ جو عام رواج پيو۔
3۔ بيت, ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ڇهن سٽن تائين پهچي ويو۔
4۔ انهن ڏينهن ۾ ڪافي سنڌي شاعري ۾ عام مقبول صنف هئي ، جنهن کي سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ وائي چيو ويندو هو ، وائي جا ڪي باقاعده نمونا ت ن ملي سگهيا آهن ۔ پر آخري دور جي آخري شاعر شاھ عنايت رضوي جي رسالي ۾ وائي جا ڪجهه نمونا ملن ٿا۔
5۔ هن دور ۾ تصوف سان گڏ حسن و عشق ۽ هجر و فراق ب سنڌي سنڌي شاعري جا موضوع هئا ، ان کان سواء ان ۾ سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو ب عڪس ملي ٿو۔
6۔ سماع جون محفلون ب ٿينديون هيون ، جن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا هئا .
7۔ بيت ۾ وراڻ ۽ تڪرار جا اهڃاڻ ب ملن ٿا۔
8۔ مذهبي شاعري ب ڪئي وئي ، جنهن جو سٽاء گهڻو ڪري الف - اشباع تي ٻڌل هو۔
9۔ سنڌي ٻولي پنهنجي نج صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي ، شاھ عبدالڪريم جي شاعري "ٺيٽ سنڌي" جو اعليٰ مثال آهي۔
10۔ هن دور جي ڪافي شاعري ۾ "ترڪ دنيا" "فنا ۽ بقا" جي چڱي خاصي اپٽار ڪيل آهي ، ان کان علاوه هن دور جي شاعري تي مايوسي ۽ نااميدي جو ب ڪافي اثر آهي ۔ عثمان احساني جي شاعري پڙهڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ، ت ان وقت سنڌين سان ڪهڙي ويڌن هوندي۔
غزنوين جي سنڌ تي حڪومت
غورين جي سنڌ تي حڪومت
مغلن جي سنڌ تي حڪومت
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.