![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/e7/Domenico-Fetti_Archimedes_1620.jpg/640px-Domenico-Fetti_Archimedes_1620.jpg&w=640&q=50)
ارشميدس
From Wikipedia, the free encyclopedia
ارشميدس يا ارڪميدز(انگريزي: Archimedes ) قديم دنيا جو ھڪ عظيم يوناني رياضيدان، جاميٽري جو ماھر ۽ مشيني انجنيئر ھو. 287 ق.م. ۾ موجوده اٽلي جي ٻيٽ سسلي ۾ جي علائقي سرڪيوس يا سرقوسه ۾ پيدا ٿيو. ھن کي ھر دؤر جي عظيم رياضيدانن مان ھڪ سمجھيو ويندو آھي[4] اسڪندريه ۾ اقليدس جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ واري دور کي ڇڏي ڪري ھن پنھنجي سموري زندگي سلسلي جي علائقي سرڪيوس يا سرقوسه ۾ گذاري[4]. ھي سسلي جي سندس وقت جي شاھي حاڪمن ھيئرو[5] ۽ سن جي پٽ گيلون[6] جو ويجھو دوست رھيو ۽ جلد ئي درٻار م ذھين سائنسدان طور مشھوري ماڻي جنھن بادشاھ جا تمام ڏکيا مسئلا حل ڪيا[4]. جي ھڪ ڪھاڻي مشھور آھي تہ ھڪ دفعي بادشاھ ھيئرو ھڪ سوناري کي سون جو مخصوص مقدار ڏئي ان کان سونو تاج ان سون جي وزن جيترو ٺاھڻ جو ڪم سونپيو[4]. سوناري اھو تيار ڪري بادشاھ آڏو پيش ڪيو. بادشاھ کي شڪ ٿيو ته سوناري تاج ۾ چاندي ملائي ساڻس خيانت ڪئي آهي پر تاج جو وزن پوء بہ ڏنل سون جيترو ھيو جنھن ڪري بادشاھ پنھنجي ان شڪ کي ثابت نہ ڪري سگھيو پر اھو مسئلو بادشاھ ارشميدس آڏو رکيو[4]. ارشميدس پاڻي جي ٽب ۾ وھنجڻ لاء جيئن گھريو تہ ھن جي ڌيان ۾ ڪجهه پاڻي ٽب کان ٻاھر ڪرندي نظر آيو[4]. ارشميدس اھا ڳالھ سمجھي ۽ ثابت ڪيو ته ڪنھن شئي جو وزن جيترو پاڻي جي مڪمل ڀريل ٽب داخل ٿيندو تہ اوتري وزن جيترو پاڻي ٻاھر ھارجي ويندو[4]. ان اصول کي سائنس ۾ ارشميدس وارو اصول سڏيو ويندو آهي[4]. ھن ان طريقي سان ثابت ڪري ڏيکاريو تي اھو تاج نج سون جو ٺھيل نہ ھيو. چيو وڃي ٿو ته ان دريافت تي ارشميدس ٽب مان نڪري خوشيءَ م اگھاڙو گھٽين ايوريڪا! ايوريڪا![7] چوندي ڊڪندو ڏٺو ويو ھو[4]. ھن جو ھڪ قول پڻ مشهور ٿيو ھو جنھن ۾ ھن چيو ھو تہ: "مونکي بيھڻ جي جاء ملي تہ مان ڌرتي کڻي سگھان ٿو"[4]. بادشاھ ھيئرو حيران ٿي کيس اھو ثابت ڪرڻ جي فرمائش ڪئي ھئي. سن وقت ارشميدس بيرم ۽ پلين جا اصول [8] دريافت ڪيا ھيا[4]. ھن بيرم ۽ پلي جي مدد سان ڪرين ٺاھي تمام ڳوري بحري ٻيڙي کي پتڻ تان سمنڊ ۾ اڪيلي سر لاھي ڏيکاريو[4]. ھن پاڻي کي ھيٺان کان مٿي ڇڪڻ وارو پمپ پڻ ايجاد ڪيو جنھن کي ارشميدس وارو پيچ چون ٿا جيڪو اڃان تائين دنيا جي مختلف حصن ۾ ڪتب اچي ٿو[4]. ايجادن سان مشھوري باوجود ھن سڀ کان وڌيڪَ رياضي لاء ڪم ڪرڻ پسند ڪيو[4]. ارشمیدس پراڻي دور سميت ھر دؤر جو ھڪ وڏو رياضيدان ليکيو ويندو آهي[9][10][11][12][13][14].
سرڪيوس (عربي: سرقوسه) جو ارشميدس | |
---|---|
![]() ارشميدس فڪر واري انداز ۾ | |
پيدائش | ت. 287
ق م ميگنا گريشيا |
وفات | ت. 212 ق م (لڳ ڀڳ 75 سال) سرڪيوس (سرقوسه) ميگنا گريشيا |
شھرت جو ڪارڻ | |
'سائنسي پيشو' | |
شعبو |
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/0/0c/FieldsMedalFront.jpg/640px-FieldsMedalFront.jpg)