From Wikipedia, the free encyclopedia
اربع هفتي جو ٽيون ڏينهن آهي. اربع اڱاري ۽ خميس جي وچ ۾ ايندو آهي. اردوءَ ۾ ان کي بڌ (بدھ)چوندا آھن.
اربع اصل عربي ٻولي جي لفظ ”اربع“ يا ”اربعه“ جنهن جي معنيٰ چار آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڦيري مطابق پڇاڙيءَ ۾ ’الف‘ وڌائي مؤنث صورت ۾ ”-اربعا-“ (=چوٿون يا چوٿين) کي هفتي جو چوٿون ڏينهن ڪيو ويو. ڇو جو نجوم مطابق هفتي جا ڏينهن -آچر- (-آرتوار-) کان شروع ٿيندا، ان ڪري آچر هفتي جو پهريون ڏينهن، سومر ٻيون ڏينهن، اڱارو ٽيون ڏينهن ۽ ٻڌر چوٿون ڏينهن هو.
عربن کان پهريان هن ڏينهن کي ٻڌر چوندا هئا. جيڪو پڻ سنسڪرت لفظ ٻڌ مان ورتو ويو آهي جنهن جي معني عطارد گرھ آهي. اردو ۾ به هي ڏينهن ساڳي نسبت سان بدھ سڏيو ويندو آهي. ۽ هندي ۾ ساڳي طريقي سان بدھ وار چيو وڃي ٿو. [1]
. سنڌي هندو -ان- کي ’-ٻڌر-‘ چوندا آهن
’ٻڌر‘ تان ٻڌر مل نالو پڻ هندن ۾ آهي.
گرھ عطارد آهي.ٻڌر سنڪسرت ٻُڌ = گرهه. Mercury عطارد + وار = ڏينهن. ٻڌ = سياڻو، داناءُ.[2]
اَربَع خَطا
ث. چار گناه (شرع موجب ٽي گناه معاف ڪيا ويندا آهن). ڳري خطا. نه معاف ٿيڻ جهڙو ڏوهه.
اَربَع خطا ٿِيَڻُ
چوٿون ڀيرو گناه ٿيڻ. ناقابل معافي ڏوه ٿيڻ.
انگريزي ۾ هن ڏينهن کي Wednesday سيڪسنس ديوتا جنهن جا نالا وُڊن/ وُڊان/ اوڊن / وُٽن / ووٽان مخلتف لهجن ۾ آهن..
Seamless Wikipedia browsing. On steroids.
Every time you click a link to Wikipedia, Wiktionary or Wikiquote in your browser's search results, it will show the modern Wikiwand interface.
Wikiwand extension is a five stars, simple, with minimum permission required to keep your browsing private, safe and transparent.