![cover image](https://wikiwandv2-19431.kxcdn.com/_next/image?url=https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ed/Grand_Ayatollahs_Qom_%25D9%2581%25D8%25AA%25D9%2588%25DA%25A9%25D9%2584%25D8%25A7%25DA%2598%25D8%258C_%25D8%25A2%25DB%258C%25D8%25AA_%25D8%25A7%25D9%2584%25D9%2584%25D9%2587_%25D9%2587%25D8%25A7%25DB%258C_%25D8%25A7%25DB%258C%25D8%25B1%25D8%25A7%25D9%2586-%25D9%2582%25D9%2585_02.jpg/640px-Grand_Ayatollahs_Qom_%25D9%2581%25D8%25AA%25D9%2588%25DA%25A9%25D9%2584%25D8%25A7%25DA%2598%25D8%258C_%25D8%25A2%25DB%258C%25D8%25AA_%25D8%25A7%25D9%2584%25D9%2584%25D9%2587_%25D9%2587%25D8%25A7%25DB%258C_%25D8%25A7%25DB%258C%25D8%25B1%25D8%25A7%25D9%2586-%25D9%2582%25D9%2585_02.jpg&w=640&q=50)
آيت الله
From Wikipedia, the free encyclopedia
آيت الله: (انگريزي: Ayattullah ) ٻارھن امامن واري شيعه اسلام جي عالمن جو تمام اعليَ درجي وارو لقب آھي جنھن جي معنيَ آهي الله جي نشاني. اھڙا عالم اسلامي تعليم، فقه، اسلامي فلسفي ۽ قرآن جي قرائت جا ماھر ۽ معلم ھوندا آھن. ان لقب کان ٻئي نمبر تي انھن جو لقب حجته الاسلام آھي. ان لقب جي شروعات ويھين صدي جي ابتدا ۾ قم واري مدرسي کان ٿي. شيعن جي ايران ۽ عراق وارن اصولي مڪتبه فڪر وارن[1] مدرسن کي حوزة سڏيندا آھن. اتي تعليم مڪمل ڪندڙ مجتھد کي آيت الله جو لقب ملندو آهي جيڪو شيعه اسلام جي چئن سرچشمن : قرآن، سنت، اجماع ۽ عقل (سني اسلام ۾ قياس) جي بنيادن تي فتوا ڏئي سگھندو آھي. ان مرتبي ملڻ بعد اھو شيعن جو عالم حوزة ۾ معلم واري خدمت جي قابل ٿي ويندو آهي ۽ بطور جج بہ ڪم ڪري سگھندو آھي. سني اسلام ۾ ان جي برابر لقب مفتي ھندو آھي. آيت الله عظمیٰ وري وڏي ۾ وڏو عالم يا سپريم ليڊر ھوندو آھي[1] جيئن سني اسلام ۾ مفتي اعظم ھوندو آھي. گھڻي ڀاڱي آيت الله عالمن جي تربيت ايران جي قم ۽ مشھد وارن ۽ عراق جي نجف وارن مدرسن ۾ ٿيندي آهي[1].
![Thumb image](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/e/ed/Grand_Ayatollahs_Qom_%D9%81%D8%AA%D9%88%DA%A9%D9%84%D8%A7%DA%98%D8%8C_%D8%A2%DB%8C%D8%AA_%D8%A7%D9%84%D9%84%D9%87_%D9%87%D8%A7%DB%8C_%D8%A7%DB%8C%D8%B1%D8%A7%D9%86-%D9%82%D9%85_02.jpg/640px-Grand_Ayatollahs_Qom_%D9%81%D8%AA%D9%88%DA%A9%D9%84%D8%A7%DA%98%D8%8C_%D8%A2%DB%8C%D8%AA_%D8%A7%D9%84%D9%84%D9%87_%D9%87%D8%A7%DB%8C_%D8%A7%DB%8C%D8%B1%D8%A7%D9%86-%D9%82%D9%85_02.jpg)