آنڌرا پرديش
From Wikipedia, the free encyclopedia
آنڌرا پرديش(انگريزي: Andhra Pradesh ) (/ˌɑːndrə prəˈdɛʃ/) ( pronunciation (مدد·ڄاڻ)) انڊيا جي 29 رياستن ۽ يونين ٽيريٽرين مان ھڪ رياست جو نالو جيڪا پکيڙ ۾ انڊيا جي ستين وڏي رياست آھي جنھن جي پکيڙ 160٬205 km2 (61٬855 sq mi) .[4]آھي. 2011 جي آدمشماري مطابق ھن رياست جي آبادي 49,386,799 ھئي. ھن رياست جو سڀ کان وڏو شھر وساکاپٽنم. ھن رياست جي سرڪاري ٻولي تيلگو آھي.[5] [6][7]ھن رياست جو اتر اولھ وارو حصو ڌار ڪري 2 جون 2014 تي قائم ٿيل نئين رياست تلنگانا جو حصو بڻايو ويو. حيدرآباد ڊگھي وقت تائين آنڌرا پرديش جو گاديءَ جو هنڌ رھيو ھو ء اھو بہ تلنگانا ۾ شامل ڪيو ويو پر ساڳي وقت حيدرآباد آنڌرا پرديش ۽ تلنگانا ٻنھي جو گادي جو هنڌ بڻيو. آنڌرا پرديش ري آرگنائيزيشن ايڪٽ، 2014 تحت حيدرآباد جي ڏھن سالن تائين آنڌرا پرديش جي قائم مقام گادي جي ھنڌ طور حيثيت برقرار رکي وئي. [8] نئون ڊي فيڪٽو گاديءَ جو هنڌ امراوتي آنڌرا پرديش ۾ واقع آهي ۽ آنڌرا پرديش ڪيپيٽل ريجن ڊولپمينٽ اٿارٽي (APCRDA) جي اختيار ھيٺ آھي .[9] ھن رياست جو ساحلي ڪنارو 974 km (605 mi) آھي جيڪو انڊيا جو گجراتي ساحل کان پوءِ ٻيون نمبر وڏي ساحل آھي. [4][10]
آنڌرا پرديش | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
رياست | ||||||||
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ کاٻي کان ساڄي پاسي: ليپاڪشي ۾ نندي (ڍڳو)، ترومالا ۾ وينتڪيسوارا مندر،وساکاپٽنم شھر جو فضائي منظر، پاپي ھلز، آراڪو وادي، ڌيانا ٻڌ جو مجسمو | ||||||||
ترانو: "ما تيلگو ٿالڪي (Maa Telugu Thalliki) " | ||||||||
Location of Andhra Pradesh in India | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 16.50°N 80.64°E / 16.50; 80.64 | ||||||||
ملڪ | ڀارت | |||||||
رياستي درجو | 1 November 1956 | |||||||
گاديءَ جو هنڌ | اماراوتي (اصل ۾) حيدرآباد (قانون مطابق)α | |||||||
وڏي ۾ وڏو شھر | وساکاپٽنم | |||||||
ضلعو | 13 | |||||||
حڪومت | ||||||||
• مجلس | آنڌرا پرديش جي حڪومت | |||||||
• وزيراعلي | واء ايس جگن موھن ريڊي (واء ايس آر ڪانگريس پارٽي) | |||||||
• گورنر | اي. ايس.ايل. نراسمھن | |||||||
• ليجسليچر | ٻہ ايواني (175 + 58 seats) | |||||||
• پارليامينٽري تڪ | راجيا سڀا 11 لوڪ سڀا 25 | |||||||
• ھاء ڪورٽ | آنڌرا پرديش ھاء ڪورٽ | |||||||
پکيڙ | ||||||||
• ڪل | 160,205 ڪ.م2 (61,855 ميل2) | |||||||
پکيڙ ۾ درجو | انڊياجي رياستن ۾ پکيڙ مطابق ستون نمبر رياست | |||||||
آبادي (2011)[1] | ||||||||
• ڪل | 49,386,799 | |||||||
^α آنڌرا پرديش ري آرگنائيزيشن ايڪٽ 2014 مطابق حيدرآباد ڏھن سالن تائين آنڌرا پرديش۽ تلنگانا ٻنھي رياستن جي گادي جو هنڌ رھندو. | ||||||||
Symbols of آنڌرا پرديش | ||||||||
نشان | پورنا گھاتم | |||||||
ٻولي | تيلگو | |||||||
گانو | ما تيلگو ٿالڪي[2] | |||||||
ناچ | ڪوچيپوڊي[3] | |||||||
جانور | ڪارو گڊ [3] | |||||||
پکي | طوطو[3] | |||||||
گل | ياسمين | |||||||
وڻ | نم |