آرمينيائي حواري ڪليسا
From Wikipedia, the free encyclopedia
آرمينيائي حواري ڪليسا(انگريزي: Armenian Apostle Church ) آرمينيا جي ماڻھن جي قومي ڪليسا جو نالو آهي جيڪا مشرقي آرٿوڊڪس جي شاخ آھي ۽ قديم عيسائي ادارن ۾ شامل آهي[4] آرمينيا جي بادشاھت پھرين رياست ھئي جنھن جي ارشاڪوني گھراڻي جي بادشاھ تيردات ٽئين چوٿين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ عيسائيت کي سرڪاري مذھب طور اختيار ڪيو[5][6] روايتن مطابق ھي ڪليسا برٿولوميو ۽ اڊاسا واري ٿيڊيئس جي پھرين صدي عيسويءَ واري تبليغي محنت سان وجود ۾ آئي. ڪڏهن ڪڏهن ان جو تذڪرو بطور آرمينيائي آرٿوڊڪس چرچ يا گريگورين چرچ يا ايچميڊزين چرچ پڻ ٿيندو آهي. پر ھن حواري ڪليسا اھي نالا ناھن قبوليا ڇوتہ ھي ڪليسا پنھنجو باني رڳو برٿولوميو حواري ۽ ٿيڊيئس کي سمجھي ٿي ۽ سينٽ گريگوري روشنگر کي پنھنجو پھريون گورنر سمجھي ٿي.
ترت ڄاڻ آرمينيائي حواري ڪليسا, درجابندي ...
آرمينيائي حواري ڪليسا | |
---|---|
Armenian Apostolic Church | |
آرمينيائي حواري ڪليسا کي جنم ڏيندڙ ايچميڊزين ڪيٿيڊرل | |
درجابندي | اوڀر وارا عيسائي |
واقفيت | مشرقي آرٿوڊڪس |
مقدس ڪتاب | سيپٽوئجنٽ, نئون عھدنامو, بائيبل جو آرمينيائي ترجمو |
دينيات | ميافزٽئزم |
ڪليسائي حاڪميت | اسقف شاھي |
حڪمراني | پاڪ ايچميڊزين ڪيٿيڊرل جي مڌر سي |
سربراھ | آرمينيائي ماڻھن جو ڪيٿولڪوس ڪاريڪن ٻيون |
معاونت | ڪليسائن جي عالمي ڪائونسل[1] |
ريجن | آرمينيا, آرمينيا کان ٻاھر |
ٻولي | ڪلاسيڪي آرمينيائي ٻولي |
ڪليسائي عبادت | آرمينيائي رسم |
صدر مقام | ايچميڊزين ڪيٿيڊرل, واغارشاپات آرمينيا |
باني | سينٽ گريگوري روشنگر حواري برٿولوميو ۽ اڊاسا وارو ٿيڊيئس |
شروعات | پھرين صدي عيسوي آرمينيا جي بادشاھت |
فرقو | Patriarchate of Constantinople in the Second Council of Dvin (554)[2] |
رڪنَ | 9,000,000 (self-reported)[3] |
ٻيو نالو | آرمينيائي ڪليسا آرمينيائي آرٿوڊڪس ڪليسا |
سرڪاري ويب سائيٽ | www |
بند ڪريو