آئرلينڊ جي ٻيٽ جو نسلي گروهه From Wikipedia, the free encyclopedia
آئرش ماڻھو(انگريزي: Irish People ) ھڪ نسلي گروھ ۽ قوم جو نالو آهي جنھن جو تعلق آئرلينڊ جي ٻيٽ سان آھي جيڪي ساڳين ابن ڏاڏن، شناخت ۽ ثقافت سان تعلق رکندڙ آھن. آئرلينڊ 12500 سال اڳ آباد ٿيڻ شروع ٿيو ھو. شروع ۾ آئرش گيئل ماڻھو ھئا. نائين صدي عيسويءَ ۾ اتي اسڪينڊينيويائي نورس ماڻھن جو ننڍو تعداد اچي آباد ٿيو جن کي وائيڪنگس سڏيو ويندو هو. اھي گيئل ماڻھن سان ملي ويا تہ آبادي نورس-گيئل ٿي وئي. اينگلو نارمن آئرلينڊ جي ڪجهه حصن کي ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ فتح ڪيو ۽ ان بعد 16 ۽ 17 صدي عيسويءَ ۾ انگلينڊ جي ڪنگڊم آئرلينڊ کي فتح ڪيو تہ ھتي انگرين ۽ اسڪاٽ ماڻھن جي آمد وڌي خاص طور تي اترئين پاسي انھن جو اضافو ٿيو. اڄ اھو اتريون علائقو نادرن آئرلينڊ يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ شامل آهي ۽ باقي آئرلينڊ جو ڏاکڻو وڏو حصو آئرلينڊ جي ريپبلڪ جي نالي سان ھڪ آزاد رياست آھي.
آئرش ماڻھو پنھنجون الڳ ريتون رسمون، الڳ ٻولي، الڳ موسيقي، الڳ ثقافتي رقص، الڳ کاڌا، رانديون ۽ لباس وغيره رکن ٿا. انھ. جي مادري ٻولي اڪثريت ۾ انگريزن ٿي چڪي آهي پر آئرش ٻولي بطور مادري ٻولي پڻ ڳالھائي وڄي ٿي ۽ ريپبلڪ آف آئرلينڊ جي اھا پھرين سرڪاري ٻولي آھي. ھتان جا ماڻھو پھرين بت پرست مقامي مذھبن سان تعلق رکندڙ ھئا جنھن بعد چوٿين کان اٺين صدي عيسويءَ دوران ھتي جا ماڻھو عيسائيت ۾ داخل ٿي ويا. ھنن ماڻھن کي عيسائي درويشن ۽ عالمن جي قوم پڻ سڏيو ويندو هو.
ڪل آبادي | ||||||||||||||||||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
دنيا ۾ لڳ ڀڳ 7 کان 8 ڪروڙ ماڻھو[1] | ||||||||||||||||||||||||
نمايان آبادي وارا علائقا | ||||||||||||||||||||||||
نادرن آئرلينڊ 1,810,863 (2011)[3] | ||||||||||||||||||||||||
| ||||||||||||||||||||||||
ٻوليون | ||||||||||||||||||||||||
آئرش , | ||||||||||||||||||||||||
مذھبَ | ||||||||||||||||||||||||
گھڻي ڀاڱي عيسائيت
| ||||||||||||||||||||||||
لاڳاپيل نسلي گروھ | ||||||||||||||||||||||||
آئرش سيلاني, اينگلو آئرش, گيئل ماڻھو، بريٽن، ڪورنش، انگريز، آئيسلينڊر[12] مينڪس, نورس, اسڪاٽ, السٽر اسڪاٽ، ويلش |