گڏيل جنسي تعليم
تعليم جو نظام جنهن ۾ مرد ۽ عورتون گڏجي تعليم حاصل ڪن / From Wikipedia, the free encyclopedia
گڏيل جنسي تعليم يا گڏيل تعليم يا ڪو-ايجوڪيشن (انگريزي: Mixed gender education) يا (Mixed sex education) يا (Co-education) تعليم جو ھڪ اھڙو نظام آھي جنھن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي تعليم حاصل ڪندا آهن. يونائيٽيڊ ڪنگڊم يا برطانيا ۾ ان نظام لاء مڪسڊ لفظ استعمال ٿيندو آهي. اڻويھين صدي عيسويءَ کان پهرين دنيا ۾ ھڪ جنسي تعليمي نظام وڌيڪ مروج ھيو جنھن بعد مغرب ۾ مخلوط تعليمي نظام ھڪ معيار بڻجي ويو. ھڪ جنسي تعليمي نظام اڪثر مسلمان ملڪن ۾ قائم رھيو. دنيا جو قديم مخلوط تعليمي نظام وارو اسڪول آرچبشپ ٽينيسن واري چرچ جو انگلينڊ ھاء اسڪول آھي جيڪو 1714ع ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي شھر ڪروئيڊن ۾ قائم ٿيو جتي اڄ تائين مخلوط تعليمي نظام جاري آهي.[1] دنيا جو سڀ کان پراڻو بورڊنگ وارو مخلوط تعليمي نظام وارو اسڪول ڊالر اڪيڊمي اسڪاٽلينڊ جي ڊالر نالي پارش ۾ واقع آهي جيڪو 1818 ۾ قائم ٿيو ۽ جتي 1250 کن 5 کان 18 سالن تائين عمر جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙھن ٿا.[2] دنيا جي پھرين مخلوط تعليم واري ڪاليج اوبرلن ڪاليجيئيٽ جي انسٽيٽيوٽ آھي جيڪا آمريڪا جي رياست اوھيو جي شھر اوبرلن ۾ 3 ڊسمبر 1933 ۾ قائم ٿي. [3]. برطانيا جي پھرين مڪسڊ تعليم واري يونيورسٽي برسٽل يونيورسٽي ھئي جيڪا 1876 کان مخلوط تعليم ڏئي رھي آھي جنھن کي شروع ۾ يونيورسٽي ڪاليج، برسٽل سڏيندا هئا.[4].