چٽڻي
From Wikipedia, the free encyclopedia
چٽڻي(انگريزي: Chutney)چٽڻي کي انگريزي ۾ ساس(انگريزي: Sauce) چوندا آهن جيڪا رسيلي ھوندي آھي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ کاڌي طور استعمال ٿيندي آهي.اھا مصالحيدار، نمڪين ۽ کٽاڻ وانگر ھوندي آھي. ان جا ڪيترائي قسم آھن مختلف سبزين، ٻجن يا گلن وارن ٻوٽن(انگريزي: herbs) ,تازن ميون ، خشڪ ميون وغيره ۾ان ٺھندي آھي. عام طور تي ان ۾ ٻيون کاڌي جو شيون ٻوڙي ذائقي طور کاڌيون وينديون آهن جن ۾ پٽاٽو، چشڪ پڪل گوشت، کيرو ، پڪوڙا، ڪچوڙيون، نمڪين بسڪيٽ وغيره شامل آهن.[1][2] اڄڪلھ چٽڻي ۽کٽاڻ جو وڏو ڪاروبار ٿيندو آهي . پاڪستان ۾ شڪارپور شھر ۾ ڪيترائي ڪارخانا آھن . ان کان سواءِ ڪراچي ۽ ٻين پاڪستاني وڏن شھرن ۾ کاڌن جي صنعت ۾ احمد ۽ نيشنل فوڊ ڪمپنيون چٽڻين ٺاھڻ لاء مشھور آھن. شڪارپور ۾ مولا بخش آچار ۽ سڪندر آچار وارن جي انبن مان ٺھندڙ کٽي مٺي چٽڻي مشھور آھي. چٽڻي ۾ سرڪي جو استعمال ڪثرت سان ٿيندو آهي.[3]
تصوير ۾ سڀ کان ويجھو پيالو ڏھي جو آھي | |
ٻيا نالا | چٽني ، کٽاڻ |
---|---|
ملڪ | ننڍو کنڊ ھند |
علائقو | پاڪستان , ڀارت , بنگلاديش , سري لنڪا , نيپال |
مکيہ شامل جزا | کاڌي وارا مصالحا جيئن لوڻ ، چٽپٽا مصالحہ؛ سبزيون يا ميوا جيئن ساوا مرچ، آلوبخارا، ڊيمزن(انگريزي: Damson)، ٽماٽا، صوف، ناشپتي، بصر، ٿوم، انجير وغيره. |
Media: چٽڻي |