ٽيمپي
From Wikipedia, the free encyclopedia
ٽيمپي (انگريزي: Tempe) آمريڪا جي ايريزونا رياست جو ھڪ شھر جيڪو فينڪس ميٽروپوليٽن جي اڀرندي پاسي واري ماٿريءَ ۾ واقع آھي. ھن شھر جون حدون اولھ ۾ فينڪس ۽ اتر ۾ اسڪاٽسڊيل (Scottsdale) ۽ سالٽ نديءَ واري پيما ميريڪوپا انڊين ڪميونٽي (Salt River Pima-Mericopa Indian Community) لاءِ مخصوص علائقي سان ملن ٿيون. چينڊلر شھر ھن جي ڏکڻ ۾ ۽ ميسا شھر اوڀر ۾ آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 180,587 آھي. ھي ايريزونا رياست جو نائون وڏو شھر آھي. آمريڪا جي مشھور ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ھن شھر ۾ قائم ٿيل آھي. يونان جي مشھور ٽيمپي ماٿريءَ سان مشابھت سبب ھن شھر جو نالو بہ ٽيمپي رکيو ويو.
ترت ڄاڻ ٽيمپي (Tempe), ملڪ ...
ٽيمپي (Tempe) | |
---|---|
شھر | |
City of Tempe | |
ٽيمپي شھر جو ھڪ ڏيک | |
ميريڪوپا ڪائونٽي ۾ ٽيمپي شھر جي بيھڪ | |
جاگرافي بيهڪ: 33°24′46″N 111°56′35″W | |
ملڪ | آمريڪا جون گڏيل رياستون |
رياست | ايريزونا |
ڪائونٽي | ميريڪوپا |
بنياد پيو | 15 آڪٽوبر، 1892ع |
نالو پيو | ٽيمپي ماٿري، يونان |
حڪومت | |
• مجلس | ٽيمپي سٽي ڪائونسل |
پکيڙ[1] | |
• شھر | 40.15 ميل2 (103.99 ڪ.م2) |
• زميني | 39.94 ميل2 (103.45 ڪ.م2) |
• آبي | 0.21 ميل2 (0.54 ڪ.م2) |
بلندي | 1,140–1,495 ft (347.47 – 455.68 ميل) |
آبادي (2020) | |
• شھر | 180,587 |
بند ڪريو