نادر شاھ
From Wikipedia, the free encyclopedia
سنڌ تي نادر شاهه ايراني (Naadir Shah Iraani) جي حملي، ظالم ۽ ڏاڍ جي بي انت بحر ۾ ھڪ ڏهڪائيندڙ ٻوڏ جي حيثيت اختيار ڪري ورتي، جنھن اوچتو سنڌ جي سرزمين کي، پنھنجي جولانيءَ جو نشانو بڻايو ۽ سڄي ملڪ جو انتظامي سرشتو ٽُڪر ٽُڪر ڪري وڌو. ھزارين ماڻھو گھر ٻار ۽ اجھا ڇڏي، دربدر خاڪ بسر رُلندا رھيا. سندن ميڙي چونڊي، سڀ ڦرجي ويئي. جتي نادر شاھ جو پير پھتو، آباديون ۽ فصل ويران ٿي ويا. ملڪ جي عام وسيلن کي سخت نقصان پھتو. ڪلھوڙن، ٻين پيڙھين جي حڪمرانيءَ ۾، آئي ويل جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪي ڪجهه پاڇي ڪيو ھو، اھو سڀ نادر ميڙي سھيڙي پاڻ سان کڻي ويو. انھيءَ کانسواءِ، سالياني خراج جو، ڳاٽي ٽوڙ پٿر به، سنڌ ڳچيءَ ۾ ٻڌي ويو. ملڪي وحدت به قائم رھڻ نه ڏنائين ۽ ان کي ٽُڪرن ۾ ورھائي ڇڏيائين.[4]