غزني
From Wikipedia, the free encyclopedia
غزني (انگريزي: Ghazni) ڏکڻ افغانستان جو ھڪ تاريخي شھر آھي جيڪو ڪابل کان قنڌار ويندڙ شاھراھ تي آباد آھي. ماضيءَ ۾ ھن شھر کي غزنين يا غزنہ پڻ ڪوٺيو ويندو ھو. سامونڊي مٿاڇري کان 2225 ميٽر اوچائيءَ تي آباد ھي افغانستان جي صوبي غزنيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ڪابل شھر کان 150 ڪلوميٽر (93 ميل) ڏکڻ ۾ آباد آھي[2]. 2021ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 190.000 ماڻھن تي مشتمل آھي[3]. ھن کي اوليائن جو شھر پڻ سڏيو وڃي ٿو.
Ghazni غزنی | |
---|---|
City | |
Citadel of Ghazni, seen from Tapa Sardar. | |
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 522: Unable to find the specified location map definition: "Module:Location map/data/West Asia" does not exist.Location in Afghanistan | |
جاگرافي بيهڪ: 33°32′57″N 68°25′24″E | |
Country | افغانستان |
Province | Ghazni Province |
District | Ghazni District |
بلندي | 2,219 ميل (7,280 ft) |
آبادي (2021)[1] | |
• ڪل | 190,424 |
تاريخي طور ھن شھر جا اڪثر رھواسي خلجي قبيلي سان واسطو رکن ٿا جيڪو پٺاڻن جو ھڪ مشھور قبيلو آھي. غزنوي گھراڻي جي بادشاھت واري دور ۾ لشڪر جا اڪثر سپاھي ۽ عھديدار خلجي پٺاڻ ھئا[4]. ھن شھر جو غزنوي قلعو، غزنوي باشاھن جا مقبرا ۽ سلطان محمود غزنويءَ جو محل اڏاوت جي فن جو اعلِيٰ نمونو پيش ڪن ٿا. انھن تاريخي يادگارن کي ڏسڻ لاءِ ھزارين سياح ھي شھر گھمڻ اچن ٿا. اسلام جي اچڻ کان اڳ ھتان جا ماڻھو زرتشت، ھندو ۽ ٻڌ مذھب جا پوئلڳ ھئا[5]. جڏھن ستين صدي عيسويءَ ۾ اسلام جو نور ھن علائقي ۾ پھتو تہ عوام جي اڪثريت امت محمديءَ جو حصو بنجي وئي. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ سبڪتگين ھن شھر کي غزنوي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. شھر کي غوري بادشاھن تباھ ڪيو پر سندن ئي دور ۾ ھن شھر کي ٻيھر وسايو ويو. ھي شھر تيموري گھراڻي، دھليءَ جي سلطانن، ھوتڪي گھراڻي ۽ آخر ۾ دراني گھراڻي جي بادشاھت جي ھٿ ھيٺ رھيو. اوڻويھين صديءَ ۾ افغانستان ۽ انگريزن جي ويڙھ ۾ ھن شھر جي قلعي جا ڪجهه حصا انگريزي فوجن ڪيرائي ڇڏيا.
آگسٽ 2018ع ۾ ھي شھر طالبان جي انتظام ھيٺ آيو ۽ ھن وقت بہ ھي شھر افغانستان جي ٻين علائقن سان گڏ طالبان حڪومت ۾ شامل آھي[6].