عرفان خان
مرحوم ھندوستاني فلم اداڪار / From Wikipedia, the free encyclopedia
عرفان خان (انگريزي: Irrfan Khan)، پيدائشي نالو صاحبزادي عرفان علي خان (07 جنوري 1967ع - 19 اپريل 2020ع)[1]، عام طرح عرفان جي نالي سان سُڃاتو ويندڙ ھندوستاني اداڪار جنھن ھندي سئنيما سان گڏ برطانوي ۽ آمريڪي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو. ميڊيا ۾ کيس ھندي سئنيما جي بھترين اداڪار طور ڄاتو ويندو ھو[2][3]. ٽيھن سالن جي پيشي وَر زندگيءَ دوران ھن ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، جھڙوڪ: نيشنل فلم ايوارڊ، ايشين فلم ايوارڊ ۽ 06 فلم فيئر ايوارڊ. 2011ع ۾ ھندوستان جي چوٿين نمبر تي وڏي اعزاز پدما شري سان کيس نوازيو ويو[4]. 2021ع ۾ کيس ڀيٽا ڏيندي فلم فيئر لائف ٽائم اچيوَمينٽ ايوارڊ سندس نالي ڪيو ويو.