صوف
From Wikipedia, the free encyclopedia
صوف (انگريزي:Apple؛ اردو:سيب) هڪ مٺو ۽ کائڻ لائق ميوو آهي جيڪو صوف جي وڻ ۾ ٿيندو آهي.
صوف | |
---|---|
ھني ڪرسپ ڪلٽيوار وارو ميوو | |
صوف جي وڻ جا گل | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | مالوس |
جنس: | Template:Taxonomy/مالوس{. ڊوميسٽيڪا |
حياتياتي نالو | |
مالوس ڊوميسٽيڪا مارٽز بالٿاسر, 1803 | |
صوف هزارين سالن کان ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ڦۡٽي ٿو. صوف کي نورس، يوناني ۽ يورپ جي عيسائي سميت ڪئي مذهبن ۾ به اهميت حاصل آهي. صوف جو وڻ گهڻي ڀاڱي ٻج ۾ ڦٽندو آهي. 2014ع ۾ دنيا ۾ 84.6 ملين ٽن صوفن جي بيداوار ٿي. جنهن مان 48 سيڪڙو چائنا ۾ پيدا ٿيا.
ڏيهي صوف ننڍڙا ٿيندا آهن. اسين ولايتي صوف جو ذڪر ٿا ڪريون، جي وڏي قد جا ٿا ٿين، جي يورپ ۾، ايران ۾، قنڌار ۾ ۽ هندستان جي جبلن ۾ ٿين ٿا. انهن جا چار پنج قسم ٿا ٿين. انهن ۾ تمام چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي. ڪچا به کائبا آهن ۽ مُربي ۾ به وجهبا آهن ۽ رڌي به ڪم ايندا آهن.هي صوف قلمن هڻڻ سان ۽ پيوند ڪرڻ سان ٿيندا آهن. جنوريءَ ۽ فيبروريءَ ۾ قلم هڻجن. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ هو گل ڪندا آهن ۽ ڦر جهليندا آهن، جو اپريل ۽ مٽي ۾ پچندو آهي. جنوريءَ ۾ سندن پاڙون اگهاڙيون ڪري ڇڏيندا آهن. پندرهن ڏينهن کان پوءِ چڱي ڳائي ڀاڻ سان ڀري ڇڏيندا آهن. جڏهن ميوو ڀرجڻ لڳي، تڏهن ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي. قلم هڻڻ کان پوءِ جڏهن گونچ ڪڍن، تڏهن انهن جون چڪيون ڪڍي ٻئي هنڌ رکجن. هيٺيون ٻه ٽي اکيون ڇڏجن ٻيو مٿيون ٽڪر وڍي ڇڏجي. انهن ٻن ٽن اکين مان به جيڪا مضبوط ٿئي ۽ زور وٺي وڃي اُها ڇڏجي، ٻيون ماري ڇڏجن. ٽن فوٽن تائين سڌو مٿي چڙهڻ ڏجيس. پيوند مارچ ۾ ڪجي. رائي واري زمين صوفن لاءِ چڱي آهي. صوف کي هندستاني ۽ فارسيءَ ۾ سيب چوندا آهن، ۽ انگريزيءَ ۾ ائپل. جي زمين چڱي هوندي ۽ آبهوا موافق هوندي ته صوف جو وڻ تمام گهڻي مدت تائين جٽاءُ ڪري ۽ ڦر ڏئي ٿو. ٻن سَون ورهين ۾ ته شڪ ئي ڪونهي.[1]