اوڀر يورپ
يورپ کنڊ جو اوڀرندو حصو / From Wikipedia, the free encyclopedia
اوڀر يورپ(انگريزي: Eastern Europe) يورپ کنڊ جو اوڀر وارو حصو جنھن جو تعين زميني سياست، جاگرافيائي، نسلي، ثقافتي، ۽ سماجي معاشيات وارين وصفن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي[1]. گڏيل قومن جي اداري مطابق اھڙي علائقن جي تعين جي وصف لازمي طور تي ان علائقي جي سماجي ۽ ثقافتي جوڙجڪ آھي[2] ھڪ وصف مطابق اوڀر يورپ جي علائقائي تعين جو بنياد ان جو ثقافتي وجود آھي. ان علائقي جي ثقافت ساڳي طرح يوناني، بازنطيني، سلاوي، اوڀر واري عيسائيت، روس ۽ عٽماني خلافت واري ثقافتن جا اثر ورتا آھن[3][4] ھڪ وصف مطابق ھن علائقي جو تعين سرد جنگ دوران ايسٽرن بلاڪ جي ڪري ٿيو. ان جھڙي ٻي وصف مطابق ان جو سبب سوويت يونين کان ٻاھر يورپي ڪميونسٽ ملڪ ھيا[4] [1][5][6][7][8][3]
آبادي جي سڃاڻپ | ايسٽرن يورپين اوڀر يورپي |
---|---|
ملڪ | اوڀر يورپ جي ملڪن جي فھرست ملڪ |
ماتحت علائقا | اوڀر يورپ جي ماتحت علائقن جي فھرست ماتحت علائقا |
اوڀر يورپي ملڪن روس، يوڪرين، جارجيا، آذربائيجان، آرمينيا، ليٽويا، اسٽونيا، پولينڊ، چيڪ ريپبلڪ، رومانيه، بلغاريه، سلاوڪ ريپبلڪ، بيلاروس، مالدووا، مونٽينيگرو، نارٿ مقدوينيه، سربيا، آسٽريا، ھنگري، سلووينيا، يونان، بوسنيا ۽ ھرزگوينيا، ڪوسووو وغيره شامل آهن