اميتاڀ بچن
هندوستاني اداڪار / From Wikipedia, the free encyclopedia
اميتاڀ بچن، پيدائشي نالو اميتاڀ سريواستَو[1]، (پيدائش 11 آڪٽوبر 1942ع[2])، ھندوستاني اداڪار، فلم پيشڪار، ٽيليويزن ميزبان، ڪڏھن ڪڏھن پلي بيڪ طور ڳائيندڙ ۽ اڳوڻو سياستدان. ھن کي ھندوستاني سئنيما جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ بااثر اداڪار طور ڳڻيو ويندو آھي[3]. 1970ع کان وٺي 1980ع واري ڏھاڪي دوران ھي ھندوستان جي فلمي جھان ۾ ڇانيل رھيو. فرانسيسي ھدايتڪار فرانڪوئس ٽروفاٽ کيس "صنعت مِثل ماڻهو" ڪوٺيو.[4]